19 جمعہ , جنوری 2018

ٻارن تي ڏاڏيءَ جيان نظر رکندڙ روبوٽ متعارف

لاس ويگاس (ويب ڊيسڪ) ٽيڪنالوجي ڪمپنيون طرفان پرسنل روبوٽس ۾ وڌيڪ جدت آندي پئي وڃي ۽ ان ۾ طرح طرح جي ديٽا فيڊ ڪري تجربا ڪيا پيا وڃن ته انهن کي انسان لاءِ ڪهڙي ريت وڌيڪ فائدي مند ڪري سگھجي. سي اين اين موجب تازو ئي هڪ ٽيڪنالوجي فرم هڪ دلچسپ  روبوٽ متعارف ڪرايوآهي جيڪو ٻارن تي ڏاڏيءَ جيان نظر رکندو آهي ۽ رياضي جي مضمون ۾ سندن مدد ڪندو آهي. هن روبوٽ جو نالو ڪمپني بڊي رکيو آهي هي روبوٽ امريڪي شهر لاس يگاس ۾ ”ڪنزيومر اليڪرونڪس شو“ ۾ پيش ڪيو ويو جيڪو دنيا ۾ ٽيڪنالوجي جي سڀ کان وڏي نمائش سمجهي ويندي آهي. هي نمائش 5 کان 8 جنوري تائين جاري رهي. هي ننڍو روبوٽ خاص طور تي ٻارن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. هي وزن ۽ قد ۾ ننڍو آهي، شرارتي ۽ ان قابل آهي جو ٻارن تي ڏاڏيءَ جيان نظر رکي سگهي. ان لاءِ روبوٽ جي ايل سي ڊي تي ڏاڏيءَ جون اکيون پڻ لڳايون ويو آهن ته جئين ٻار ڪا به شرارت ڪندي هن روبوٽ ۽ هن جي اکين کي ڏسي ڪري محسوس ڪن ته سندن جاسوسي ٿي رهي آهي. هن روبوٽ ۾ سيڪورٽي فيچر به فراهم ڪيا ويا آهن جن جي بدولت گهر ۾ داخل ٿيندڙ چور کي پڪڙي سگھجي ٿو.  ۽ هن ۾ آڊيو ۽ وڊيو ريڪادنگ جو آپشن پڻ موجود آهي. ڪمپني  هن گهٽ قيمت روبوٽ کي نمائش ذريعي  متعارف ڪرايو آهي پر هن کي وڪري لاءِ پيش ناهي ڪيو ويو. جڏهن ته اميد آهي ته جلدي هن کي وڪري لاءِ مارڪيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. جنهن جي قيمت 1550 ڊالر رکي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيس بڪ جو نيوز فيڊ ۾ وڏي تبديلي جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ نيوز فيڊ ۾ وڏيون تبديليون آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے