25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

لاهور ۾ سوائن فلو جو پهريون ڪيس سامهون

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ انفلوئنزا وائرس ايڇ ون” سوائن فلو“ جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو آهي. جڏهن ته لاهور جي نجي اسپتال ۾ زير علاج 70 سال جي رشيده بيبي ۾ ”سوائن فلو“جي تصديق ٿي آهي. ٽيسٽن ۽ ۾يديڪل رپوٽن کان پوءِ نيشنل انسٽي ٽيوب آف هيلٿ اسلام آباد رشيده بي بي ۾ ”سوائن فلو“ جي تصديق ڪئي آهي. ذريعن موجب رشيده بي بي کي 28 ڊسمبر ۾ سخت بخار جي حالت ۾ نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. ياد رهي ته ”سوائن فلو“ جو وائرس خنزير جي ذريعي پکڙبو آهي جي ”انفلوئنزا وائرس“ جي هڪ قسم ”HlNl“ کي چيو ويوندو آهي جو انساني جسم ۾ داخل ٿي ڪري مدافعتي نظام کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي. طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ”سوائن فلو“ ڪنهن به عمر جي ماڻهو کي ٿي سگهي ٿو. پر  اڪثر عورت،2 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار، ۽ ساهه يا دل جي بيماري ۾ مبتلا ماڻهو جي متاثر ٿيڻ جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي.”سوائن فلو“ متاثر ماڻهن جي کنگه يا ڇڪ ڏيڻ سان ٻئي انسان ڏانهن منتقل ٿي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Geo-identifier smartphone app in one hour

هڪ ڪلاڪ ۾ جيوڙن جي سڃاڻپ ڪندڙ سمارٽ فون ايپ

سانتا باربرا( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ماهرن 100 ڊالرن جي هڪ سمارٽ فون ڪٽ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے