23 ڇنڇر , جون 2018

انوکو اسٽيڪر، اينٽي بايوٽڪ دوائن خلاف مزاحمت ختم ڪرڻ ۾ مددگار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اينٽي بايوٽڪس دوائون پنهنجو اٿر وڃائي رهيون آهن ڇو ته انهن جي مقابلي ۾ جراثيم، بيڪٽيريا ۽ وائرس پاڻ کي تبديل ڪري طاقتور بڻائي انهن دوائن کي بي اثر ڪري رهيا آهن. تنهن هوندي هاڻي گھڻي باريڪ سوئين تي ٻڌل پيوند سان ان عمل کي روڪي سگھجي ٿو اهي پيچ پهريان ذيا بيطس جي مريضن ۾ انسولين پهچائڻ ۽ چرٻي گھٽائڻ ۾ ڪامياب ڪردار ادا ڪندا آهن ۽ هاڻي اهي اينٽي بايوٽڪس جي مزاحمت گھٽ ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي سگھندا. بلفاسٽ ۾ موجود ڪوئن ميري يونيورسٽي جي ماهرن باريڪ ترين سوئين تي ٻڌل اهڙو جلدي پيوند ٺاهيو آهي جنهن جي ذريعي جلد ۾ سڌو اينٽي بايوٽڪ دوا داخل ڪرن ممڪن ٿيندو جڏهن ته هن وقت عام طور اينٽي بايوٽڪ دوائون وات ذريعي جسم ۾ پهچايون وينديون آهن. پروفيسر چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ اينٽي بايوٽڪس دوائون کاڌيون وينديون آهن. انهن جي ڪجهه مقدار معدي ۾ رهندي آهي جتي انهن کي طرح طرح جي بيڪٽيريا کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ۽ جسم اندر بيڪٽيريا ان خلاف مزاحمت پيدا ڪرڻ لڳندا آهن ۽ پوءِ مريض کي طاقتور بيڪٽيريا کان دوا به شفا ڏياري نه سگھندي آهي. ٻئي صورت جيڪڏهن اينٽي بيڪٽيريا دوا خردبيني نيڊل ذريعي جسم ۾ وڌيون وڃن ته انهن جي تاثير ڀرپور هوندي آهي. پهريان دوا کي مائع ڪيو ويوندو ۽ ان کي انساني وار کان به باريڪ سوئين ذريعي مريض جي جسم ۾ داخل ڪري سگھبو. ان کان پوءِ سويون پاڻمرادو انداز ۾ ختم ٿي وينديون ۽ انهن جو ڪو به ناڪاري نقصان نه ٿيندو. پهريئن مرحلي ۾ ان پيوند کي 10 رضاڪارن تي آزمايو ويو آهي ۽ ان جا سُٺا نتيجا نڪتا آهن. انهن رضاڪارن کي هڪ فرضي دوا دني وئي هئي. هاڻي ٻئي مرحلي ۾ ماهر ان ۾ اصل اينٽي بايوٽڪ دوا وجهي ان پيوند کي آمائيندا سين. جيڪڏهن ڪاميابي ملندي ته ٽي بي جهڙي مرض جو اعلاج ممڪن هوندو جنهن جو اعلاج اينٽي بايوٽڪ دوائون بي اثر ٿيڻ سبب ناڪامٿي رهيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماحول دشمن ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کي تيل ۾ تبديل ٿيندڙ ڪارخانو

هارورڊ (ويب ڊيسڪ)عاليم پئماني  تي تپش   ۾ واڌ  جو سڀ کان بدنام گيس ڪاربان داءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے