18 سومر , جون 2018

هوٽل، ايئرپورٽ ۽ بازاران ۾ مدد ڪرڻ وارا روبوٽ تيار

سيئول(ويب ڊيسڪ) مشهور ٽيڪنالوجي فرم ايل جي ايندڙ هفتي لاس ويگاس ۾ ڪنزيومر اليڪٽرانڪس شو ۾ پنهنجا 3 مددگار روبوٽ پيش ڪري رهي آهي  جيڪي انسانن جي مدد لاءِ تيار ڪيا ويا آهن.ڪمپني موجب انهن کي ايئرپورٽ، هوٽلن، ۽ شاپنگ مال ۾ عوام جي  مدد لاءِ خاص طور تي تيار ڪيو ويو آهي. ان روبوٽ کي ”ڪلواي“(سي ايل او آئي) روبوٽ جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو اسانن سان رلي ملي سگهن ٿا ۽ انهن جي مدد ڪري سگهن ٿا. گائيڊ روبوٽ ايئر پورٽ تي پريشان مسافرن کي رستو ڏيکارڻ ۽ ان ۾ مدد ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو.ٻيو روبوٽ صفائي ڪرڻ جو آهي جيڪو کان بچندو فرش صاف ڪندو جنهن لاءِ ان ۾ ويڪيوم ڪلينر نصب ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح 3 لان موونگ روبوٽ آهي جيڪو گهرن ۾ گهمي مختلف ڪم سر انجام ڏيندو ۽ ماڻهو ان کي سمارٽ فون  جي ذريعي ڪنٽرول  ڪري سگهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرمي کان نه گهٻرائيو  ايئرڪنڊيشنڊ هيلمٽ پايو

 بنگلورو(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ٻين گرم ملڪن ۾  ڏينهن جو گرم موسم ۾ هيلمٽ پائڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے