18 سومر , جون 2018

اربين ڪمپيوٽر ۽ موبائل  فونز هيڪ ٿيڻ جو معاملو، انٽيل تي ڪيس داخل

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال پهريئن ئي هفتي ۾ اها خبر سامهون آئي هئي ته ڪمپيوٽر ۽ موبائل فونز لاءِ چِپ ۽ سي پي يو تيار ڪندڙ آمريڪي ڪمپني انٽيل جي چِپ ۾ وڏي خرابي جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن جي ڪري سڄي دنيا جا اربين ڪمپيوٽر ۽ موبائل فونز هيڪ ڪئي وڃڻ جو امڪان آهي. ڪمپيوٽر ۽ موبائل فون چپ ۾ خرابيون سامهون اچڻ بعد انٽيل خلاف مختلف رياستن جي عدالتن ۾ قانوني ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. انٽيل خلاف رياست ڪيلفورنيا، رياست اوريگن ۽ رياست انڊيا جي ٽي مخلتف ضلعي عدالتن ۾ قانوني ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ٽنهي ڪيسن ۾ انٽيل جي چپ ۾ سيڪيورٽي خامي سامهون اچڻ بعد ڪمپيوٽر ۽ موبائل آلا متاثر ٿيڻ بابت ڪمپني جي لاپرواهي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف انٽيل جي چپ ۾ آيل خرابين جي جاچ ڪندڙ گوگل سميت ڪمپنين جي سائبر ماهرن ان خامين کي ميلڊٽائون ۽ اسپيڪٽر جو نالو ڏنو آهي. ماهرن موجب انٽيل جي چپ ۽ سي پي يو ۾ آيل ان خرابين سبب ڪمپيوٽر ۽ موبائل فونز جي ريم سميت ڊيٽا سان ڳنڍيل ڪم ڪندڙ اهم آلا متاثر ٿيا. ان سان گڏ ايپل به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته هن جي موبائل 7 ڪمپيوٽرز جي سي پي يو ۾ آيل وائرسز ميلڊٽائون ۽ اسپيڪٽر سان سمورا آءِ او ايس ۽ آءِ ميڪ آلا متاثر ٿيا. ايپل پنهنجي بيان ۾ جيتوڻيڪ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته هن جي آءِ او ايس ۽ آءِ ميڪ آلا متاثر ٿيا آهن تنهن هوندي ڪمپني اها وضاحت نه ڪئي آهي ته وائرسز سبب ان آلن ۾ ڪهڙي خرابي ٿي آهي. انٽيل ٻُڌايو هو ته سندس چپ ۾ آيل خرابي ۾ رڳو سندس ڪمپني جو ڏوهه ناهي، ڇو ته هو بين ڪمپنين سان گڏيل طور چپ تيار ڪندو آهي، ان خرابين ۾ ٻيون ڪمپنيون به ذميوار آهن. انٽيل موجب چپ ۾ آيل خرابين سبب ڪمپيوٽرز ۽ موبائل ۾ ڪهڙي ريت خرابيون آيون ان حوالي سان جاچ جاري آهي، جنهن جي مڪمل رپورٽ ايندڙ هفتي جاري ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرمي کان نه گهٻرائيو  ايئرڪنڊيشنڊ هيلمٽ پايو

 بنگلورو(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ٻين گرم ملڪن ۾  ڏينهن جو گرم موسم ۾ هيلمٽ پائڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے