24 سومر , سيپٽمبر 2018

خانداني نابيني جي دوا تيار: اگھه ساڍا 8 ڪروڙ رپيا

فلا ڊلفيا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي خوراڪ ۽ دوائن واري اداري هڪ انتهائي مهانگي دوا جي منظوري ڏني آهي جنهن سان هڪ خانداني نابيني جو ڪامياب اعلاج ڪري سگھجي ٿو. ان دوا جو نالو لڪسٽرنا آهي جنهن کي فلا ڊلفيا جي ڪمپني اسپارڪ ٿراپيوٽڪس تيار ڪيو آهص پر هڪ اک لاءِ دوا جو اگھه 4 لک 25 هزار ڊالر آهي جڏهن ته ٻنهي اکين جي اعلاج لاءِ ساڍا 8 ڪروڙ رپيا گھربل آهن. ڪجهه ماڻهن جي جين ۾ پيدائشي طور خرابيون هونديون آهن. اهي تبديليون ٻنهي اکين کي متاثر ڪنديون آهن. آمريڪا ۾ حڪومتي سطح تي هيلٿ انشورنس ڏني ويندي آهي جنهن جي تحت ان اعلاج جي رقم قسطن تي ادا ڪئي ويندي. لڪسٽرنا ٺاهيندڙ ڪمپني ان اعلاج جو اگھه ڏسندي چيو آهي ته ان جي ادائيگي لاءِ رقم جا ٻيا طريقا ضروري آهن. تنهن هوندي آمريڪا ۾ مهانگي دوا خريد ڪرڻ ۾ مدد ڏيندڙ هڪ تنظيم جي سربراهه ڊيوڊ مچل چيو آهي ته اسپارڪ ڪمپني پنهنجي ان دوا جي تمام گھڻي ۽ ناجائز قيمت وصول ڪري رهي آهي. ٻئي طرف ڪمپني جي سي اي او چيف مرازو چيو آهي ته جين ٿراپي جهڙي اعلاج ۾ ڪيتريون ئي ڏکيائيون آهن جن ۾ ان جو هوش اُڏائيندڙ اگھه پڻ شامل آهي. اها دوا ريٽينا کي پهچائيندڙان نقصان کي درست ڪندي آهي جيڪو آر پي اي 65 جين سبب پيدا ٿيندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گذريل سال 10 ملين ماڻهو ٽي بي جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جو انڪشاف

جنيوا (ويب ڊيسڪ) ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 2017ع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے