18 سومر , جون 2018

برطانوي عورت جي هيڊ ذريعي ڪينسر ختم ڪرڻ جي دعويٰ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ هڪ عورت دنيا کي ان وقت حيران ڪري ڇڏيو جڏهن سندس ڪينسر پاڙ کان ختم ٿي وئي. هن عورت دعويٰ ڪئي آهي ته سمورن اعلاجن کان تنگ اچي هن هيڊ استعمال ڪئي. ملازمت تان ريڊائرڊ ٿيل عورت ڊينيڪ فرگوسن کي 10 ورهيه اڳ بلڊ ڪينسر ٿي هئي. جنهن تي ڪيموٿراپي ناڪام ٿي وئي ۽ اسٽيم سيل مان اعلاج به ڪارگر ثابت نه ٿيو. مايوس ٿيڻ بدران ڊينيڪ روزانو هڪ ڪيپسول کائڻ شروع ڪيو جنهن ۾ 8 گرام هيڊ جو سرڪيومن شامل هو. سرڪيومن، هيڊ جو سڀ کان اهم جزو آهي ۽ هيڊ جي هڪ وڏي چمچي ۾ ان جي 3 کان 4 گرام مقدار موجود هوندي آهي. ڊينيڪ جي ڪينسر تيزي سان ڦيهلي چيلهه سميت سڄي جسم ۾ زبردست تڪليف جو سبب بڻجي وئي هئي. ان ڪيفيت ۾ مريض ڏکيائي سان پنج ورهيه به بچي نه سگھندو آهي. ا ن ڪيفيت تي برطانيا ۾ بارٽس اين ايڇ ايس ٽرسٽ ۾ رت جي ماهر ڊاڪٽر عباس زيدي چيو ته روزانو سرڪيومن کائڻ بعد هاڻي هي عورت نارمل ۽ بهتر زندگي گذاري رهي آهي. برطانوي ماهر هاڻي ان عورت جو تجزيو ڪري رهيا آهن ۽ ان کي برٽش ميڊيڪل جنرل ڪيس رپورٽ ۾ شائع ڪيو ويو آهي. ڊينيڪ فرگوسن کي 2007ع ۾ رت جي ڪينسر ٿي هئي ۽ سندس بچڻ تمام ڏکيو هو جڏهن ته 2011ع ۾ هن سرڪيومن جو استعمال شروع ڪيو هو. ٻئي طرف ڪجهه ماهر چئي رهيا آهن ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ڪينسر جي مريضن کي ٻين دوائن سان گڏ هيڊ به استعمال ڪرائي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرين ٽي دل جي حفاظت ڪندي آهي

لنڊن(ويب ڊيسڪ) گرين ٽي ۾ هڪ مرڪب دريافت ٿيو آهي جيڪو رت جي رڳن ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے