24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڊگهڙي: مهيشوري برادري طرفان مٺي ۾ قتل ٿي ويل ٻن ڀائرن جي قتل خلاف احتجاج

ڊگهڙي   ۾ مهيشوري برادري طرفان مٺي ۾ قتل ٿي ويل ٻن ڀائرن جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

قومي عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري ارباب نوحاڻي ،سماجي اڳواڻ احسان جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مهيشوري برادري ڪاروبار بند ڪري پريس ڪلب ڊگهڙي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ مٺي ۾ ٻن مهيشوري برادري جي ڀائرن کي ڦر جي دوران مزاحمت تي قتل ڪيو ويو جنهن جي سخت  لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا .

هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ واقعي جا جلد کان جلد جوابدار گرفتار ڪري وارثن سان  انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے