24 سومر , سيپٽمبر 2018

فيس بڪ 2018ع کي جعلي خبرن جي خاتمي وارو سال قرار ڏئي ڇڏيو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا سائٽ فيس بڪ جنهن تيزي سان مقبول ٿي رهي آهي ان تيزي سان جعلي خبرن به ان جي مقبوليت کي متاثر ڪيو آهي تنهن هوندي هاڻي فيس بڪ جعلي خبرن جي خاتمي لاءِ 2018ع کي اهم سال قرار ڏئي ڏنو آهي. فيس بڪ جي باني مارڪ زڪربرگ ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته 2018ع فيس بڪ تان جعلي خبرن جي خاتمي وارو سال هوندو، جعلي خبرن ۽ نفرت وڌڻ جو خاتمو ڪنهن چيلنج کان گھٽ ناهي. سندس چوڻ آهي ته ڪمپني جعلي خبرن ۽ ان پليٽ فارم جي غلط استعمال جي خاتمي لاءِ پنهنجن پاليسين ۾ گھڻيون ئي غلطيون ڪيون. مارڪ زڪربرگ پنهنجي هڪ فيس بڪ پوسٽ ۾ چيو ته هو 2018ع کي ذاتي سُڌارن وارو سال بڻائڻ چاهيندو جنهن ۾ فيس بڪ جو غلط استعمال ۽ جعلي خبرن جي خاتمي لاءِ واضح پاليسي ڏيندا سين. هن چيو ته دنيا گھڻي پريشان آهي ۽ ان صورتحال ۾ فيس بڪ کي گھڻو ڪجهه ڪرڻو آهي ته جيئن دنيا کي نفرت ۽ محرومين مان ٻاهر ڪڍي سگھجي. فيس جي باني جو وڌيڪ چوڻ هو ته سوشل ميڊيا جي ان پليٽ فارم کي ان ماڻهن لاءِ فائدي مند بڻائڻ آهي جيڪي پنهنجو گھڻو قيمتي وقت هت ڏيندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سانگ سنگ پهرين ٽن ڪئميرائن واري سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏي

سيوئل (ويب ڊيسڪ) سام سنگ خاموشيءَ سان پنهنجي پهرين ٽن ڪئميرائن واري سمارٽ فون متعارف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے