18 سومر , جون 2018

ناريل جو تيل وارن ۽ چمڙي لاءِ انتهائي ڪارائتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) قدرتي طور تي ناريل ۾ بي شمار فائدا موجود آهن. ناريل جو استعمال غذا جي طور تي ڪيو وڃي يا وري ان جي تيل جو استعمال ڪيو وڃي ٻئي انسان جي صحت لاءِ انتهائي فائدي مند آهن. جيڪڏهن ناريل جي تيل جي ڳالهه ڪئي وڃي ته نه صرف هي وارن جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪندو آهي پر چمڙي کي به خوبصورت ڪندو آهي.ماهرن موجب ناريل جو تيل بطور ٽونر استعمال ڪري سگهجي ٿو  جنهن سان عورتون آساني سان پنهنجو ميڪ اپ صاف ڪري سگهن ٿيون.ناريل جي تيل ۾ اها خاصيت موجود هوندي آهي ته هي چمڙي کي نرم ڪندو آهي ۽ چمري تي موجود مٽي کي صاف ڪندو آهي. جيڪڏهن رات جو ناريل  هلڪو منهن تي لڳايو وڃي ته چمڙي تان خشڪي ختم ٿي ويندي ۽ ان سان گڏوگڏ چمڪ ۾ به اضافو ٿيندوآهي. اڪثر چمڙي تي ڪو زخم يا ڪٽ لڳي وڃي يا وري چمڙي سڙي پوي ته ان صورت ۾ ناريل جو تيل بي حد فائدي مند آهي جنهن جي فوري استعمال سان زخم جو نشان به ختم ٿي ويندو آهي. اڪثر وارن کي هيئر ڪلر لڳائڻ جي سبب وار بي جان ٿي ويندا آهن، ناريل جو تيل ان مشڪل کي به ختم ڪري سگهي ٿو ۽ ان جي استعمال سان بي جان وار جاندار ۽ مضبوط ٿيڻ لڳندا آهن.جيڪڏهن ته عورتون يا مرڊ وار ڪرڻ جي مشڪل مان نجات حاصل ڪرڻ چاهين تا ته ماهرن جو مشورو آهي اهي ناريل جي تيل جو استعمال ڪن  ڇو ته ناريل جو تي وارن جي پاڙن کي مضبوط پيدا ڪندو اهي ۽ انهن کي ڪرڻ کان بچائيندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرين ٽي دل جي حفاظت ڪندي آهي

لنڊن(ويب ڊيسڪ) گرين ٽي ۾ هڪ مرڪب دريافت ٿيو آهي جيڪو رت جي رڳن ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے