17 اڱارو , جولاءِ 2018

جڏهن هدف هڪ آهي ته ڪم به گڏجي ڪرڻ گهرجي، آمريڪا ناڪاري بيانن کان پاسو ڪري: اعزاز چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي آمريڪا ۾ سفير اعزاز چوڌري جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان جو هدف آهي ته افغانستان ۾ امن آندو وڃي، جڏهن هدف هڪ ئي آهي ته ڪم به گڏجي ڪرڻ گهرجي آمريڪا ناڪاري بيان ڏيڻ کان پاسو ڪري اهڙا بيان نه ڏئي جنهن سان ناڪاري تاثر نڪري، افغانستان جي مسئلي جو فوجي حل ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اعزاز چوڌري چيو ته پاڪستان جي هميشه خواهش رهي آهي ته ٻئي ملڪ گڏجي ڪم ڪن، گڏجي ڪرڻ سان سٺا نتيجا نڪرندا آهن اسان القاعده کي ختم ڪيو پاڪستان دهشتگردي جي لهر کي پوئتي ڌڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايفي ڊرين ڪيس: روزاني ٻڌڻي خلاف حنيف عباسي جي اپيل رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنيف عباسي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے