25 سومر , جون 2018

صدر ممنون حسين کي ترڪ صدر جي فون، هر حال ۾ پاڪستان سان گڏ آهيون: رجب طيب اردگان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ممنون حسين کي ترڪ صدر طيب اردگان فون ڪري آمريڪي ڌمڪين خلاف پاڪستان سان گڏ مڪمل ٻڌي جو اظهار ڪيو آهي، ترڪ صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان جي شاندار قربانين جي باوجود آمريڪي صدر جو طرز عمل اڻ وڻندڙ آهي، ترڪي هر قسم جي حالتن ۾ پاڪستان سان گڏ آهي. طيب اردگان جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ جو ٽويٽ اڻ وڻندڙ ۽ پاڪستان جون قربانيون باوقار آهن،  دهشتگردي جي خاتمي واري جنگ ۾ پاڪستان جون قربانيون شاندار آهن، ترڪي هر قسم جي صورتحال ۾ ساڻس گڏ آهيون. ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ صدر ممنون حسين جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي جذبن جي قدر ناهي ڪئي وئي، نامناسب آمريڪي پيغام جو مناسب جواب ڏنو ويندو، رابطي ۽ سهڪار جي  پاليسي تي يقين رکون ٿا. صدر ممنون حسين ٻڌي جي اظهار تي طيب اردگان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ترڪ ڀائرن جي محبت ڀريل پيغام سان فخر جو احساس ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The polling time should be kept from 7 to 7 nights till 8 o'clock: Fawad Chaudhary

پولنگ جو وقت صبح ست کان 7 کان رات 8 وڳي تائين رکيو وڃي: فواد چوڌري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف پولنگ جو وقت صبح ست وڳي کان رات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے