21 ہفتہ , اپریل 2018

آمريڪا جي خدمت ڪندي پنهنجي ملڪ کي ئي 10 سال بحران ۾ رکيو: خواجا آصف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وفاقي وزير چيو آهي ته ماضي سيکاريندو آهي اسان کي آمريڪا تي اعتماد ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن بي پناهه قربانين جي باوجود آمريڪا خوش ناهي ته افسوس کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو چئي سگهجي، هن ڀيري ملڪ جي وقار تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو. پرڏيهي وزير خواجا آصف جو سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ چوڻ هو ته چئن سالن کان ڪيترن ئي ڏهاڪن جو ملبو صاف ڪري رهيا آهيون، اسان جي فوج بي مثال جنگ وڙهي، اسان وٽ قربانين جا اڻ ڳڻت داستان آهن.  اسان کي ماضي سيکاريندو آهي ته آمريڪا تي اعتماد ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي، اسان جي زمين تي پنهنجي ناڪامي جو ملبو نه رکو جيڪڏهن توهان اسان جي قربانين مان خوش ناهيون ته ان ڳالهه تي رڳو افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو پر واضح ڪيو ته هاڻ اسان جي وقار تي سمجهوتو نه ٿيندو، تنهن هوندي  جيڪو توهان جو دشمن آهي اهو اسان جو دشمن آهي. خواجا آصف چيو ته اسان گوانتاناموبي کي ڀري ڇڏيو اسان توهان جي خدمت ۾ ايترا مصروف هئاسين جو پنهنجي ملڪ کي ڏهن سالن تائين لوڊشيڊنگ ۽ گيس شارٽيج جي حوالي ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بجلي بحران: وڏي وزير مراد علي شاهه وزير اعظم کي ٽيون خط لکي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ بجلي جي بدترين بحران ۽ لوڊشيڊنگ جي عذاب کي ختم ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے