17 اڱارو , جولاءِ 2018

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو اتر وزيرستان جو دورو، ترقياتي ڪمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اتر وزيرستان جو دورو ڪيو جنهن ۾ هن پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيار تار لڳائڻ واري عمل جو جائزو ورتو ۽ ان کان سواءِ کيس لڏ پلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي بحالي بابت آگاهه ڪيو ويو ۽ کيس علائقي ۾ سماجي ۽ ترقياتي منصوبن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه اتر وزيرستان جي دوري دوران ميران شاهه ۾ يادگار شهدا تي گلن جي چادر چاڙهي جڏهن ته ان موقعي يت ڪور ڪمانڊر پشاور به آرمي چيف سان گڏ هو. آرمي چيف جي دوري جي موقعي تي جي او سي ميران شاهه کيس علائقي ۾ ٿيل ڪمن جي تفصيلي بريفنگ ڏني.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سميت 23 ماڻهن خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سميت 23 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے