17 اڱارو , جولاءِ 2018

مريم ٽوئيٽر تي ٽرمپ جي فالور، ميان صاحب جي ڪاوڙ مان لڳي پيو ته سعودي عرب سندس ڳالهه ناهي ٻڌي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز ٽوئيٽر تي آمريڪي صدر ڊونلڊ کي فالو ڪندي آهي جڏهن ته ميان صاحب جي ڪاوڙ مان لڳي پيو ته سعودي عرب سندس ڳالهه ناهي ٻڌي. تفصيل موجب پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته نواز شريف پهرين ئي شڪست جو شور شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو ميچ کان پهرين ئي فرار ٿيڻ جي تياري ۾ آهي جڏهن هو ملڪ جي ادارن کي به ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته نواز شريف ايندڙ چونڊن ۾ شڪست ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو اعتراف ڪيو آهي. نواز شريف وٽ 300 اربن جو حساب ڏيڻ لاءِ ڪجهه ناهي ايف زيڊ اي هل ميٽل کي پيسا ڪيئن ٽرانسفر ٿيا؟ ايف زيڊ اي ڪمپني مان ملين ڊالر ڪيئن منتقل ٿيا، ميان صاحب همت ڪري ٻڌائي ته ڪير سازش ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ووٽ جي پرچي کي عام نه سمجهو: سراج الحق

غوثپور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پ پ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے