20 خميس , سيپٽمبر 2018

بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي جي عهدي تان برطرفي جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي سياست ۾ هلچل بعد سرفراز بگٽي جي گهرو وزارت جي عهدي تان برطرفي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، وڏي وزير گورنر کي سرفراز بگٽي کي برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. تفصيل موجب بلوچستان ۾ به ن ليگ ڏکيائين ۾ پئجي وئي، بلوچستان جي وڏي وزير جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد کان پوءِ حڪمران پارٽي ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن، سرفراز بگٽي جي گهرو وزارت تان برطرفي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. برطرفي وارين خبرن کان پوءِ سرفراز بگٽي ٽويٽ ڪيو ته برطرفي جي خبر ڪوري آهي هو پهرين ئي پنهنجي استعيفيٰ گورنر ڏانهن موڪلي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے