19 جمعہ , جنوری 2018

نواز شريف جي سياست جو سج لهي چڪو آهي، هن ٻڌائي ڇڏيو ته هو ڇا ڪرڻ وارو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي سياست جو سج لهي چڪو آهي، عمران خان جو خوف آهي، نواز شريف کي منهن ڀر کائڻي پئي، سندس ڪرپشن به بي نقاب ٿي چڪي آهي. تفصيل موجب عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد نواز شريف جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي چيو ته اليڪشن ۾ ڪجهه مهينا باقي آهن ۽ نواز شريف پهرين ئي الزام لڳائي ڇڏيا آهن، هاڻ ته ڪو به شڪ ناهي رهيو، نواز شريف ٻڌائي ڇڏيو ته هو ڇا ڪرڻ وارو آهي. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته نواز شريف جي سياست جو سج لهي چڪو آهي، عمران خان جو خوف آهي، نواز شريف ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهي ٿو ان ڪري اهڙو ماحول بڻائي رهيو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته نواز شريف کي ن ليگ جي شڪست پهرين ئي نظر اچي وئي، نواز شريف ايندڙ چونڊن شڪي ۽ ڌانڌلي سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ تي حملا ته نواز شريف ۽ ن ليگ ڪندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے