18 جمعرات , جنوری 2018

نيوز : خيرپور ڀرسان ڀرڳڙي پاڙي جي رهواسي پورهيت جا پنج ٻارڙا پر اسرار بيماري ۾ وڪوڙجي ويا، پورهيت ٻارن کي رسن سان گهر ۾ ٻڌي ڇڏيو ، وس وارن کي واهر جي اپيل

خيرپور جي ڀرڳڙي پاڙي جي  رهواسي پورهيت پنج ٻارڙا پر اسرار بيماري ۾ وڪوڙجي ويا آهن ، پورهيت ٻارن کي رسن سان گهر ۾ ٻڌي ڇڏيو آهي .

پورهيت رجب علي جمالي ٻڌايو ته سندس 19 سال اڳ کيس پهرين نياڻي سمرين پيدا ٿي  جيڪا ڇهن مهينن جي ڄمار ۾ پهتي ته اوچتو کيس بيماري ٿي پر ڊاڪٽر بيماري جي سڃاڻپ ڪري نه سگهيا.

هن ٻڌايو ته سندس بعد ۾ پيدا ٿيل چار ٻار بختاور، تسڪين، اويس ۽ توصيف به ساڳي بيماري ۾ مبتلا آهن.

هن آصف علي زرداري ، سيد مراد علي شاهه ، نفيسه شاهه ۽ ٻين وس وارن کي واهر جي اپيل ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : پير جو ڳوٺ: ٻن يرغمالين کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو، گهر ۾ خوشي جي لهر

پيرڳوٺ جي رهواسي ٻن يرغمالي  نوجوانن کي هڪ سئو يارنهن ڏينهن کان پوءِ  پوليس بازياب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے