20 ہفتہ , جنوری 2018

ڪنهن کي حق ناهي ته هو اسان کي ڪوڙو چئي ذليل ڪري: احسن اقبال

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته آمريڪي صدر جو بيان اسان جي قربانين جو مذاق اڏائڻ برابر آهي ڪنهن کي حق ناهي ته هو اسان کي ڪوڙو چئي ذليل ڪري. پوليس لائنز اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران احسن اقبال چيو ته پاڪستان جا دشمن اسان کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهن ٿا ڇو ته امن ۽ ترقي هڪ ٻئي سان گڏ سلهاڙيل آهن، ملڪ کي پرامن بڻائڻ ۽ ان کي ڏڦيڙ کان بچائڻ لاءِ اسان کي سوچ سان ڪم ڪرڻو آهي، جمهوريت ۾ سڀني کي مظاهرا ڪرڻ جو حق پر اسان ڪنهن کي ڏڦيڙ پکيڙڻ جو لائسنس نٿا ڏئي سگهون، اسان ڪنهن به پاڪستان جي امن سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين. احسن اقبال چيو ته آمريڪي صدر جو بيان اسان جي قربانين جو مذاق اڏائڻ برابر آهي، روس سان ويڙهه دوران لکين پناهه گير پاڪستان آيا، آمريڪا ۾ ته شام مان ڪنهن کي هڪ پناهه گير به داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي، پر اسان 35 لک افغان پناهه گيرن جو وزن برداشت ڪيو، آمريڪي يونيورسٽين ۾ اهو نصاب تيار ڪيو ويو جنهن کي پڙهي ملڪ ۾ سوويت خلاف وڙهي سگهجي، هٿيارن جي انهن فيڪٽرين ۽ نظرين کي ترقياتي ڪم نه ڪرڻ گهرجي. آمريڪا جو ساٿ ڏئي اسان کي دهشتگردي ۽ منشيات جهڙا مسئلا مليا، آمريڪا افغانستان ۾ هٿيارن جا انبار ڇڏيا، آمريڪا کي ڦهلايل ڪنڊن کي پاڪستان کي ڳولهي رهيو آهي، اسان خطي ۾ امن لاءِ هميشه ڪوششون ڪيون آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ جيتريون قربانيون پاڪستان ڏنيون ايتريون ڪنهن به نه ڏنيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف طرفان 10 دهشتگردن کي موت جي سزا ڏيڻ جي منظوري

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه فوجي عدالتن مان سزا مليل 10 دهشتگردن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے