26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڌاٻيجي ويجهو  زمين تي قبضي خلاف بيواهه عورت ٻئي ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي

ڌاٻيجي ويجهو  زمين تي قبضي خلاف بيواهه عورت ٻئي ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي،  مختلف سياسي سماجي تنظمين  جي اڳواڻن ڪيمپ تي پهچي سندس  حمايت جو اعلان   ڪيو .

گهارو فلٽر ڀرسان زمين نه کپائڻ تي وفاقي حڪومت جي اهم اڳواڻ جي  مائٽن پاران بيواهه جي  زمين تي مقامي انتظاميا سان ملي ڀڳت ڪري   قبضو ڪري ورتو،  قبضي خلاف بيواهه عورت  ٻئي ڏينهن به  بک هڙتال جاري رکي.

عوامي آواز  سان ڳالهيندي بيبي زهراه ٻڌايو ته سندن  ابن ڏاڏن جي زمين تي  صدر ممنون حسين جي پٽ جي سهري روينيو ۽ مقامي انتظاميا سان ملي ڀگت ڪري هٿيار بند ويهاري ڪري قبضو ڪري ورتو آھي.

هن چيو ته کين هٿياربند موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن ڪري خوف سبب هو گهر ڇڏي دربدري واري زندگي گهاري رهيا آهن .

سڪينا بيبي ،محمدعلي مغل، ايس ٽي پي اڳواڻ الهبچايو ڪلمتي ايوب انڙ ۽ ٻين بک هڙتالي ڪيمپ تي پهچي بيوهه عورت سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ کيس مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے