19 جمعہ , جنوری 2018

بلوچستان حڪومت بحران جو شڪار، وڏي وزير جي صلاحڪار به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري خلاف اسيمبلي ۾ تحريڪ عدم اعتماد اچڻ کان پوءِ استعيفائن جي ڀرمار شروع ٿي وئي. عام چونڊن کان اڳ بلوچستان اسيمبلي سخت بحران جو شڪار آهي جتي هڪ پاسي وڏي وزير خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي اتي ئي وزيرن به استغيفائون جمع ڪرائڻ شروع ڪيون آهن. بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري جي صلاحڪار پرنس احمد علي احمدزئي پنهنجي استعيفيٰ بلوچستان جي گورنر ڏانهن موڪلي جڏهن ته ان کان اڳ ماهي گيري واري وزير مير سرفراز چاڪر ڊومڪي پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے