17 بدھ , جنوری 2018

طالبان جي قيد مان آزاد ٿيل جوشوا بوئلي 15 الزامن ۾ گرفتار

ڪينيڊا (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان جي هڪ گروپ طرفان 5 سال قيد ۾ رهڻ بعد آزاد ٿيل ڪينڊين شهري جوشوا بوئلي جي جنسي تشدد، غير قانوني طور هراست ۾ رکڻ ۽ موت مار ڌمڪيون ڏيڻ سميت 15 الزامن ۾ گرفتار ڪيو ويو. خبرن موجب جوشوا بوئلي جي وڪيل اريڪ گرانجر موجب عدالت مبينا طور متاثر ٿيلن جي سڃاڻپ کي روڪي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سندس اصيل بي ڏوهي هو ۽ ڪڏهن به ڪنهن قانوني مصيبت ۾ نه وچڙيو هو. اوٽاوا جي عدالت ۾ جوشوا بوئلي جي پيشي دوران سندس وڪيل جو چوڻ هو ته اسان مٿس لڳايل الزامن خلاف ثبوت هاصل ڪرڻ ۽ سندس تحفظ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. ٽورنٽو اسٽار طرفان اخبار جي ويب سائٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ بوئلي جي گھر واري ان الزامن تي تبصرو نه ڪيو، سندس چوڻ هو ته آئون ان مخصوص الزامن تي ڳالهائي نٿي سگھان پر آئون اهو ضرور چونديس ته هي اهوصدمو آهي جيڪو هن ڪيترن ئي سالن تائين برداشت ڪيو جنهن سندس دماغي حالت تي اثر وڌو جيڪو مجرماڻا ڪارروائين جو سبب ٿي سگھي ٿو. هن چيو ته منهنجو مڙس ڏوهي آهي پر اميد ڪريان ٿي ته همدردي جي بنياد تي کيس مدد حاصل ٿي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بنگلا ديش ۽ ميانمار روهنگيا پناهگيرن جي 2 سالن ۾ وطن واپسي تي متفق

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلا ديش ۽ ميانمار وچ ۾ روهنگيا پناهگيرن جي وطن واپسي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے