18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

افتخار چوڌري جي نظربندي ختم ڪرڻ واري مشرف جي حڪم تي عمل نه ٿيو: عشرت العباد

دبئي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد دعويٰ ڪئي آهي ته پرويز مشرف افتخار چوڌري کي سندس برطرفي بابت چار مهينا پهرين ئي ٻڌائي ڇڏيو هو، اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته چيف جسٽس کي نظربند ڪرڻ جو هن ڪو به حڪم نه ڏنو هو پر حالتون ايتريون بدتر ٿي ويون جو نظربندي ختم ڪرڻ بابت پرويز مشرف جي حڪم تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو. ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي عشرت العباد چيو ته پرويز مشرف اُن وقت چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي برطريف جو 4 مهينا پهرين ئي ٻڌائي ڇڏيو هو، پرويز مشرف اها ڳالهه کيس 2006ع جي شروعات ۾ ئي ٻڌائي ڇڏي هئ. عشرت العباد ٻڌايو ته برطرفي کان پوءِ اُن وقت جي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي سندس گهر ۾ نظربند ڪيو ويو. اڳوڻي گورنر موجب هن ٽيليفون تي پرويز مشرف سان رابطو ڪري ساڻس ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن چيف جسٽس جي نظربندي تي اعتراض اٿاريا، ملاقات دوران انڪشاف ٿيو ته پرويز مشرف اهڙو ڪو به حڪم نه ڏنو هو ته برطرف چيف جسٽس کي نظربند ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي صدر نامزد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي صدر نامزد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے