24 آچر , جون 2018

اسان آمريڪا سان ڪو به ڌوکو ناهي ڪيو پر آمريڪا هميشه اسان سان ڌوکو ڪيو: پرويز مشرف

دبئي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان آمريڪا سان هميشه مخلص رهياسين اسان آمريڪا سان ڪو به ڌوکو ناهي ڪيو پر آمريڪا هميشه اسان سان ڌوکو ڪيو، اسان آمريڪا کي سهولت مهيا ڪري رهيا آهيون ته اهي سروسز آهن ۽ انهن جا پيسا، آمريڪا اڌ کان وڌيڪ پيسا سروسز مهيار ڪرڻ تي ڏنا، دهشتگردي جي جنگ ۾ ٻڌايل ٽارگيٽ ٺيڪ آهن پر ترجيح اسان هوندي، اسٽريجي ۾ اسان آمريڪا سان گڏ آهيون پر ڪهڙو ٽارگيٽ ڪڏهن ڪرڻو ان ۾ فرق آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي پرويز مشرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان 100 سيڪڙو آمريڪا سان گڏ هئاسين ۽ مخلص هئاسين، اسان کي دهشتگردي سان وڙهڻو هو منهنجي 5 سالن دوران آمريڪا سان ڪو به ڌوکو ناهي ٿيو پر آمريڪا هميشه اسان سان ڌوکو ڪيو ان ڪري آمريڪا کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته اسان ڪو به ڌوکو ناهي ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري اينڪر عامر لياقت پاران ٻي شادي ڪرڻ جو انڪشاف

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا  جي تاريخ ۾ تڪراري رهندڙ   ٽي وي اينڪر  ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے