21 ہفتہ , اپریل 2018

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بلديه سانحي ڪيس ۾ جوابدار رحمان ڀولا جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، بلديه سانحي ڪيس ۾ جوابدار رحمان ڀولا جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته جوابدار خلاف فيڪٽري کي باهه لڳائڻ جون شاهديون موجود آهن، ضمانت نٿا ڏئي سگهون، عدالت رئوف صديقي کي ڪيس ۾ جوابدار بڻائڻ واري درخواست تي فيصلو 6 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت، جوابدار رحمان ڀولا جي ضمانت درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت فيصلي ۾ چيو ته جوابدار رحمان ڀولا خلاف فيڪٽري کي باهه لڳائڻ جون شاهديون موجود آهن، جنهنڪري کيس ضمانت تي آزاد نٿا ڪري سگهون. جوابدار رحمان ڀولا جي درخواست تي ايم ڪيو ايم ڪارڪن جوابدار رضوان قريشي جي جي آءِ ٽي رپورٽ پيش ڪئي وئي. عدالت، جوابدار علي حسن قادري جي به ضمانت درخواست رد ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي کي جوابدار بڻائڻ واري درخواست تي فيصلو 6 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

متحده جي ايم پي اي جو پاڻي جي فراهمي تائين احتجاجن سنڌ اسيمبلي ڇڏڻ کان انڪار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي سنڌ اسيمبلي ميمبر سيف الدين خالد پاڻي جي عدم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے