20 ہفتہ , جنوری 2018

عمران جي ضمانت سان ڪو به فرق نه پوندو، 2018ع جي اليڪشن ۾ ضمانتون رد ڪرائينداسين: طلال چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته عمران خان جي ضمانت سان ڪو به فرق نه پوندو، 2018ع جي اليڪشن ۾ سندن ضمانتون رد  ڪرائينداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته ڪير نااهل آهي ۽ ڪير اهل ان جو فيصلو پاڪستان جو عوام ڪندو، اهڙن ماڻهن کي صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڏنو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته  جيڪڏهن اهڙا صادق ۽ امين هوندا آهن ته الله جو شڪر آهي جو نواز شريف کي اهو سرٽيفڪيٽ نه مليو، هن چيو ته امپائر جي آڱر تي آسرو ڪندڙ هاڻ نجومي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، عمران خان جي سياست ۽ زندگي نجومين ۽ حڪيمن تي لڳل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف طرفان 10 دهشتگردن کي موت جي سزا ڏيڻ جي منظوري

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه فوجي عدالتن مان سزا مليل 10 دهشتگردن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے