20 ہفتہ , جنوری 2018

نيوز: ڀان سيدآباد: شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سرڪاري اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف احتجاج

ڀان سيدآباد ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي   سرڪاري اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 چيئرمين ڪاڪ محمد لغاري، علامه محمد معشوق مجددي، راجا وحيد پنهور، امام الدين لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سرڪاري اسپتال ڀان سيدآباد ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف دعا چونڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

 ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته سرڪاري اسپتال ڀان سيدآباد ۾ سهولتن جي اڻهوند آهي، اسپتال ۾ ماهر ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ آهي، اسپتال ۾ رات جي وقت ڪوبه ڊاڪٽر موجود ناهي، جڏهن ته اسپتال ۾ مريضن جو ڊاڪٽرن بجاءِ ِ پٽيوالا علاج ڪري رهيا آهن جيڪا زيادتي آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ اسپتال ۾ ڊاڪٽر مقرر ڪري دوائون فراهم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائينداسين……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ناليوارو ليکڪ ۽ ترقي پسند دانشور 84 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ناليوارو ليکڪ ۽ ترقي پسند دانشور 84 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻي ويو، سندس زندگي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے