21 ہفتہ , اپریل 2018

افغانستان ۾ ناڪامين تي آمريڪا پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ ناڪامين تي آمريڪا پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي پيغام ۾ عمران خان چيو ته شروع کان ئي ناليواري آمريڪي وار آن ٽيرر جو حصو بڻجڻ جي مخالفت رهيا آهيون، آمريڪي وار آن ٽيرر سان 70 هزار ماڻهو ماريا ويا. هن چيو ته اسان جو نائن اليون سان ڪو به تعلق ناهي پر پوءِ به نقصان کنيو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ معيشت جو 100 بلين ڊالر کان وڌيڪ نقصان ٿيو. پي ٽي آءِ جي چيئرمين جو چوڻ هو ته ٽرمپ آمريڪا جي افغانستان ۾ ناڪامي جو ڊميوار پاڪستان کي قرار ڏئي رهيو آهي.  سندس وڌيڪ چوڻ هو ته افغانستان ۾ ڏيڍ لک آمريڪي فوجي دهشتگردي جو مقابلو نٿا ڪري سگهن، افغانستان ۾ ناڪامين تي آمريڪا پاڪستان کي قرباني جو ٻڪر بڻايو، آمريڪي پنهنجي شڪست جو الزام پاڪستان تي هڻي اسان کي بدنام ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم طرفان ڪراچيءَ ۾ بجلي جي بحران بابت ڪابينا ڪميٽيءَ جو اجلاس طلب

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي اڻ اعلانيل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے