17 اربع , جنوري 2018

ڏوهه مڃڻ باوجود عدالتن عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏنو، سعودي دوري بابت غلط خبرون جاري ٿيون: نواز شريف

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڏوهه مڃڻ باوجود عدالتن عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏنو. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ باوجود عدالتن عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته مون خلاف بدعنواني ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا اڄ تائين نه ملي آهي ۽ اقامه تي نااهل قرار ڏنو ويو، روز روز احتساب عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو ڪو سبب سمجهه ۾ نٿو اچي. نواز شريف وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن عمران خان ڏوهه ۽ چوري نه ڪئي ته پوءِ معافي ڇو گهري، ڏوهه جي اعتراف باوجود سپريم ڪورٽ جي بئنچ کيس صادق ۽ امين قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته مون ڪڏهن به معافي نه گهري ۽ نه ئي ڏوهه جو اعتراف ڪيو، اڄ تائين منهنجو ڪو به ڏوهه سامهون نه آيو آهي ۽ نه ئي ثابت ٿيو آهي. پنهنجي سعودي دوري بابت ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته جن ماڻهن منهنجي سعودي دوري بابت غلط خبرون جاري ڪيون سٺو نه ڪيو، پاڪستان جو سعودي عرب سان پراڻو تعلق آهي، منهنجو سعودي عرب وڃڻ ڪو عجوبو ناهي، سعودي عرب سان پاڪستان جا لاڳاپا پاڪستان جي قيام کان آهن، قياس آرايون ڪندڙن جو رويو غيرذميواراڻو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

سوات (ويب ڊيسڪ) سوات ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ريڪٽر اسڪيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے