20 ہفتہ , جنوری 2018

نواز شريف، مريم ۽ ڪيپٽن صفدر خلاف وڌيڪ 2 شاهدن جا بيان قلمبند، ٻڌڻي 9 جنوري تائين ملتوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر خلاف وڌيڪ 2 گواهن پنهنجا بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيا، احتساب عدالت 9 جنوري تائين نئب ريفرنسز تي ٻڌڻي ملتوي ڪندي وڌيڪ 6 گواهن کي طلب ڪري ورتو. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير نئب ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا. اڄ جي ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل جي گواهه محمد تسليم ۽ زوار منظور پنهنجا بيان قلمبند ڪرايا ۽ جوابدارن جي وڪيل خواجه حارث ٻنهي تي جرح مڪمل ڪئي.  ٻڌڻي شروع ٿي ته سرڪاري وڪيل جي گواهه محمد تسليم چيو ته هو ان لينڊ روينيو جي عهديدار فضا بتول جي حڪم تي نئب آفس ويو، جتي نواز شريف، حسن ۽ حسين نواز جو ويلٿ ٽئڪس رڪارڊ فراهم ڪيو، جڏهن ته فضا بتول جو تصديق ٿيل رڪارڊ به جمع ڪرايو. گواهه محمد تسليم وڌيڪ ٻڌايو ته 21 آگسٽ 2017 ع تي نئب ۾ ان لينڊ روينيو جو نمائندو جهانگير احمد به موجود هو، جنهن جاچ آفسر ڪامران محبوب کي نواز شريف، حسن ۽ حسين نواز جو انڪم ٽئڪس رڪارڊ فراهم ڪيو ۽ رڪارڊ وصول ڪرڻ کانپوءِ بيان به رڪارڊ ڪرايو.  ايون فيلڊ ريفرنس ۾سرڪاري وڪيل جي گواهه اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نئب زوار منظور پنهنجو بيان قلمبند ڪرايو، هن چيو ته رجسٽرار ايس اِي سي پي سدره منصور پيش ٿي حديبيه پيپرز ملز جو ساليانو آڊٽ رڪارڊ فراهم ڪيو.  هن ٻڌايو ته رڪارڊ جاچ آفسر منهنجي موجودگي ۾تحويل ۾ ورتو ۽ مون گواهه طور رڪارڊ تي صحيح ڪئي، جاچ آفسر سامهون 6 سيپٽمبر 2017ع تي پيش ٿيس، ڪلرڪ محمد رشيد 11 صفحن تي ٻڌل دستاويز جمع ڪرايا، 4 صفحن تي ٻڌل لنڊن ڪوئين بئنچ جو حڪم نامو به جمع ڪرايو.  گواهن تي جرح مڪمل ٿيڻ بعد عدالت ريفرنسز جي ٻڌڻي 9 جنوري تائين ملتوي ڪندي وڌيڪ 6 گواهن کي طلب ڪري ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف طرفان 10 دهشتگردن کي موت جي سزا ڏيڻ جي منظوري

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه فوجي عدالتن مان سزا مليل 10 دهشتگردن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے