22 پیر , جنوری 2018

لاهور سميت مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي سبب حادثا، 10 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور سميت مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي  سبب ٽريفڪ حادثن ۾ 10 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن فوتين ۾ موٽروي پوليس انسپيڪٽر به شامل آهي.  جڏهن ته سکهيکي ۾ موٽر وي تي ڪوهيڙي سبب 3 گاڏيون وچ ۾ ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا فوتين ۾ موٽر وي پوليس انسپيڪٽر به شامل آهي.هوڏانهن گجرات ۾ جي ٽي روڊ تي به ڪوهيڙي سبب 15 گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪراجي پيون حادثي ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿيا جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻئي طرف نارووال ۾ نيو لاهور روڊ تي ڪوهيڙي جي سبب 2 موٽر سائيڪلن ۽ ڪار وچ ۾ تڪر سبب 5 ڄڻا زخمي ٿيا جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، لاهور جي علائقي شاهدره ٽائون ۾ ٽرين جي ضد ۾ اچي پيءُ ڌي فوت ٿي ويا  پوليس لاشن کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، ميانوالي ۾ ڪاري باغ تي ٽريلر  ۽ موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ 2 نوجوان فوت ٿي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، پاڪپتن ۾ منچن آباد  روڊ تي ٽريلر ۽ بس جي وچ ٽڪر سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 15 زخمي ٿيا

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن يمن لاءِ 3 بلين ڊالرن جي امدادي رقم جي اپيل جاري ڪري ڇڏي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن يمن ۾ انساني بحراني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے