18 جمعرات , جنوری 2018

نيلم منير، ماهرا ۽ صبا جي جوڙ جي ادڪارا آهي : احسن خان

لاهور (شوبز نيوز) لالي ووڊ اسٽار احسن خان ساٿي اداڪارا نيلم منير کي ساراهيندي چيو آهي ته نيلم ڪنهن کان گھٽ ناهي ۽ ماهرا خان ۽ صبا قمر جهڙين وڏين اداڪارائن برابر آهي. احسن خان ۽ نيلم منير هڪ انٽرويو ۾ تازو ئي پنهنجي ريليز ٿيل فلم “ڇپن ڇپائي” جي پهريئن هفتي جي ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪيو. فلم “ڇپن ڇپائي” پهريئن ئي هفتي ۾ هڪ ڪروڙ 70 لک رپين تائين شاندار بزنس ڪري ورتو آهي. انٽرويو دوران احسن خان چيو ته پاڪستاني ماڻهن کي اها شڪايت آهي ته رڳو ڊراما سُٺا نظر ايندا آهن پاڪستاني فلمون سُٺيون نه هونديون آهن پر آئون اهو ضرور چوندس ته فلم ڇپن ڇپائي هڪ مڪمل انٽرٽينمينٽ فلم آهي. احسن خان پنهنجي ساٿي اداڪارا نيلم منير جي ٽيلنٽ کي ساراهيندي چيو ته نيلم منير ۾ 100 سيڪڙو اهي سموريونخاصيتون آهن جيڪي هڪ فلمي اداڪارا ۾ هجڻ گھرجن، آئون ٻيهر به نيلم سان گڏ ئي فلم ڪرڻ چاهيندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وديا بالن بابت ڀارتي فلمساز جو تڪراري بيان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ورسٽائل اداڪارا وديا بالن هميشه پنهنجن منفرد ڪردارن سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے