17 اربع , جنوري 2018

پاڪستان نيوزي لينڊ اليون کي پريڪٽس ميچ ۾ 120 اسڪور تان شڪست ڏئي ڇڏي

نيلسن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان نيوزي لينڊ اليون کي پريڪٽس ميچ ۾ 120 اسڪور تان شڪست ڏئي ڇڏي. نيلسن ۾ کيڏيل وارم اپ ميچ ۾ گرين شرٽس پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 341 اسڪور ٺاهيو جنهن جي جواب ۾ ميزبان ٽيم 47.1 اوورن ۾  221 اسڪور ٺاهي پويلين روانو ٿي. پاڪستان طرفان شاداب خان شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 4 رانديگرن کي پويلين موٽايو جڏهن ته فهيم اشرف 2، محمد عامر، حسن علي، فخر خمان ۽ رومان رئيس هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. نيوزي لينڊ اليون طرفان مچل ڊيوڊسن 54 اسڪور ٺاهي نمايا بيٽسمين رهيو، ٻين رانديگرن ۾ جيڪ بوائل ۽ بين بيڪروفٽ 20، 20، ڀارت پوپلي 16 ۽ نيوزي لينڊ اليون جي قيادت ڪندڙ فريسر ڪولسن 12 اسڪور ٺاهي آئوٽ ٿيا. ان کان اڳ پهريان بيٽنگ ڪندي قومي ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين اظهر علي ۽ فخر زمان شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي سنچريون ٺاهيون، اظهر علي 104 ۽ فخر زمان 106 اسڪور ٺاهيو ۽ آئوٽ نه ٿيا، ٻنهي بيٽسمينن 206 اسڪور جي ڀائيواري قائم ڪئي ته فخر زمان بابر اعظم کي بيٽنگ جو موقعو ڏنو ۽ گرائونڊ مان ٻاهر هليو ويو. فخر زمان 84 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 12چوڪن جي مدد سان 106 اسڪور ڪيو، ساڳئي ريت اظهر علي به 105 بالن تي هڪ ڇڪي ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 104 اسڪور ٺاهي ريٽائرڊ ٿيو. ٻين رانديگرن ۾ بابر اعظم 6، محمد حفيظ 5، شعيب ملڪ هڪ، ڪپتان سرفراز احمد 21، شاداب خان 24، فهيم اشرف 17 ۽ حسن علي 36 اسڪور ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته محمد عامر 5 ۽ رومان رئيس بنا اسڪور ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. نيوزي لينڊ طرفان انيڪت پاريڪ سڀ کان وڌيڪ 3، مارڪ ڪريگ 2، جي ڊي بيڪر ۽ ايم ڊي راءِ هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوزي لينڊ پاڪستان کي مسلسل چوٿين ون ڊي ۾ به شڪست ڏئي ڇڏي

هملٽن(ويب ڊيسڪ) نيوزي لينڊ چوٿين ون ڊي ۾ پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے