17 اربع , جنوري 2018

عامر خان فريال مخدوم سان تڪرار جو اصل سبب ٻُڌائي ڇڏيو

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان پنهنجي گھر واري فريال مخدوم سان پنهنجي ذاتي زندگي ۾ تڪرارن جو سبب رابطن جو خاطمو جڏهن ته باڪسنگ رنگ مان ٻاهر ٿيڻ جو سبب پنهنجي هٿ جي ڌڪ کي قرار ڏئي ڇڏيو. رپورٽ موجب عامر خان ۽ فريال مخدوم “لوز ويمن ٽوڊي” نالي پروگرام ۾ شريڪ ٿيا، جتي انٽرويو ڏيندي ٻنهي پنهنجي ذاتي زندگي جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جڏهن ته عامر خان جو چوڻ هو ته اها سموري غلطي منهنجي پنهنجي هئي. عامر خان اعتراف ڪيو ته جهڙي ريت سندن تڪرار سڀ جي آڏو آيو اهو بلڪل به درست نه هو، منهنجو خيال آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ هر شئي کان کٽي ويندي آهي. هن چيو ته هو هٿ جي ڌڪ سبب پنهنجو ڌيان باڪسنگ تي نه ڏئي سگھيو جنهن جي ڪري هو باڪسنگ مان ٻاهر ٿي ويو. باڪسر عامر خان چيو ته منهنجي هٿ تي ڌڪ لڳو، منهنجي شادي ٽُٽي رهي هئي، هٿ جي ڌڪ سبب آئون باڪسنگ رنگ مان باهر ٿيس، پنهنجي فيملي کان پري هيس، منهنجي زندگي ۾ گھڻا مسئلا هلي رهيا هئا. ٻئي طرف عامر جي گھر واري فريال مخدوم جو چوڻ هو ته سندن وچ ۾ وڇوڙن سبب به ڏکيائيون پيدا ٿيون. فريال ٻُڌايو ته آئون انگلينڊ ۾ هئس ۽ عامر دبئي ۾ هو. گڏ ئي هن اعتراف ڪيو ته عامر ان وقت شديد بحران جو شڪار هو ۽ کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته کيس ڪنهن سان ڳالهائڻ گھرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سوناڪشي کان سواءِ ڪا به اداڪارا ”دبنگ 3“ جو حصو ناهي: ارباز

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ۽ پروڊيوسر ارباز خان پنهنجي فلم ”دبنگ“ سيريز جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے