24 آچر , جون 2018

نيوز: جمال شاهه: پريس ڪلب جي سال 2018 جي چونڊ، علي گل مهر صدر چونڊجي ويو

جمال شاهه پريس ڪلب جي  سال 2018 لاءِ سالياني چونڊ شهر جي سماجي اڳواڻ عبدالحڪيم جوکيو جي صدارت هيٺ ٿي گذري.

اجلاس ۾ متفق راءِ سان علي گل مهر صدر، منظور احمد چانڊيو سينيئر نائب صدر ، علي دوست خاصخيلي نائب صدر ، شتاب زرداري جنرل سيڪريٽري،  غلام عباس مشوري جوائنٽ سيڪريٽري،  محمد حسن ڌاريجو اطلاعات سيڪريٽري چونڊجي ويا.

ان موقعي تي  پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر علي گل مهر خطاب ڪندي چيو ته آئون سڀني صحافي دوستن جو ٿورائتو آهيان جن مون تي اعتماد ڪري مونکي صدارت جي ذميواري سونپي آهي.

 هن چيو ته اسان پريس ڪلب جمال شاه جا صحافي مظلومن جو آواز ايوانن تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين ۽ بنا ڪنهن فرق جي سڀني سياسي سماجي پارٽين جي ماڻهن کي ڀرپور ڪوريج ڏينداسين………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sukkur: Test for assistant commissioner 21000 candidates participated

نيوز: سکر: اسسٽنٽ ڪمشنر لاءِ  ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ اڍائي ھزارن کان وڌيڪ اميدوارن حصو ورتو

*سکر ۾ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻين عھدن لاءِ  ٿيندڙ ٽيسٽن  ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے