24 آچر , جون 2018

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ڌيءَ ۽ ناٺي سميت احتساب عدالت ۾ پيش

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پنهنجي ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن محمد صفدر سان گڏ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو آهي.احتساب عدالت جو جج محمد بشير ٽن ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي، عدالت استغاثه جي وڌيڪ ٻن شاهدن زوار منظور ۽ تسليم خان کي طلب ڪيو آهي جڏهن ته وڪيل خواجه حارث بيانن جي روشني ۾ شاهدن کان آڏي پڇا ڪندو.نواز شريف سان گڏ ليگي اڳواڻن جو وڏو انگ جوڊيشل ڪمپليڪس پهچي ويو جڏهن ته ڪارڪنن کي جوڊيشل ڪمپليڪس اچڻ کان روڪيو ويو. احتساب عدالت ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف 10 ڀيرا، مريم نواز 12 ڀيرا ۽ ڪئپٽن ريٽائرڊ صفدر 14 ڀيرا پيش ٿي چڪا آهن. پيشي جي موقعي تي جوڊيشل ڪمپليڪس جي اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Seattle prepared the Pakistan Local resources

پاڪستان مقامي وسيلن سان سيٽلائيٽ تيار ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مقامي وسيلن سان پاڪ ٽيس ون اي سيٽلائيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے