19 جمعہ , جنوری 2018

بلديا ٽائون ۾ سي ٽي ڊي ۽ رينجرز جي ڪارروائي، ٽي ٽي پي جا 3 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلديا ٽائون ۾ پوليس جي دهشتگردي جي انت واري کاتي سي ٽي ڊي ۽ رينجرز جي مقابلي ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ جا 3 مبينا دهشتگرد مارجي ويا. بلديا ٽائون جي علائقي قائم خاني ڪالوني ۾ رينجرز ۽ سي ٽي ڊي ڳجهي اطلاع تي گڏيل ڪارروائي ڪئي. رينجرز ۽ پوليس جي پهچڻ تي مبينا دهشتگردن فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ ۾ 3 مبينا دهشتگرد مارجي ويا. مبينا دهشتگردن جي فائرنگ سان 2 رينجرز ۽ هڪ سي ٽي ڊي اهلڪار زخمي پڻ ٿيو. پوليس ذريعن موجب دهشتگردن جو تعلق اردو بازار ۾ مارجي ويل دهشتگردن سان هو، سي ٽي ڊي انچارج مظهر مشواڻي موجب جوابدار شهر جي خاتمي جي ڪوشش ڪري رهيا هئا تنهن هوندي رينجرز ۽ پوليس جي ڇاپن جوابدارن جي نئين سال تي ان ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. مظهر مشواڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻُڌايو ته مبينا دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سان آهي. مبينا دهشتگردن جي قبضي مان آپگھات جيڪٽس، بلاڪ بم ۽ ٻيا هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا. بلاڪ بم جو وزن 7 ڪلو کان 8 ڪلو هو، جنهن ۾ بال بيرنگ پڻ استعمال ڪيا ويا هئا، جنهن کي ريمورٽ ڪنٽرول ڌماڪي سان وڃايو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے