17 بدھ , جنوری 2018

نيوز: آمريڪا پاران پاڪستان فوجي امداد تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو

وائيٽ هائوس ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا پاڪستان جي 255 ملين ڊالرن يعني 28 ارب رپين جي فوجي امداد تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

وائيٽ هائوس جي ترجمان ساره سينڊرز الزام مڙهيو ته اسان کي سڌ آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف وڌيڪ اپاءَ وٺي سگهي ٿو پر اهو پنهنجون ذميواريون پوريون نه پيو ڪريو، ان کي واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي.

 ترجمان مطابق پاڪستان جي امداد بابت سمورا آپشنز کليل آهن ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ هلندڙ مهيني ان حوالي سان فيصلو ڪندو.

 ساره سينڊرز وڌيڪ چيو ته پاڪستان خلاف مخصوص قدمن جا تفصيل ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ سامهون اچي ويندا.

هوڏانهن گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير نڪي هيلي پڻ چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان جي 25 ڪروڙ 50 لک ڊالرن جي امداد روڪي رهيو آهي.

گڏيل قومن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته امداد روڪڻ جو تعلق فلسطين تي ٺهراءَ سان نه پر دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ سان آهي…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات اٺين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-01-17

*نواز شريف  ملڪي ساليمت کي داءَ تي لڳائي ڇڏي آهي: آصف علي زرداري *ماڊل ٽائون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے