24 منگل , اپریل 2018

نيوز: خيرپور: غازي علي علمدار جي درگاهه سهولتن جي اڻهوند باوجود علائقي جي سڃاڻپ بڻيل

خيرپورضلعي ۾ حضرت پير غازي علي علمدار جي درگاهه انتظاميه جي بي ڌياني ۽ سمورين بنيادي سهولتن جي اڻهوند باوجود علائقي جي سڃاڻپ بڻيل آهي.

  ضلعي جي  سرحدي دنگ يوسي شادي شهيد وٽ 42 فوٽ ڊيگهه واري منفرد انداز ۾ ٺهيل حضرت پير غازي علي علمدار جي درگاهه انتظاميه جي بي ڌياني ۽ سمورين بنيادي سهولتن جي اڻهوند باوجود علائقي جي سڃاڻپ بڻيل آهي ، جتي روزاني جي بنيادن تي ملڪ جي مختلف علائقن کان عقيدتمندن جو وڏو انگ درگاهه شريف پهچي ٿو.

يوسي شادي شهيد جي دنگ تي گهاڙ واري پهاڙي سلسلي ۾ درگاهه حضرت پير غازي علي علمدار زمين کان 250 فوٽ جي بلنديءَ تي ٺهيل آهي جتي پهچڻ جي لاءِ عقيدتمندن طرفان مصنوعي رستا ٺاهيا ويا آهن

علائقي واسين توڙي درگاهه جي گادي نشين ضلعي خيرپور جي انتظاميه کي لکت ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: لاکاروڊ : روڊ رستا تباهه هجڻ ڪري رهواسين کي تڪليف، ڪاروبار تباهه

بک، بدحالي، بيروزگاري، پاڻي کوٽ ۽ ڌاري آبادڪاري سميت ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے