21 ہفتہ , اپریل 2018

نيوز: اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پنهنجي ڌيءَ ۽ ناٺي سان گڏ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پنهنجي ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن محمد صفدر سان گڏ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو آهي.

احتساب عدالت جو جج محمد بشير ٽن ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي، عدالت وڌيڪ ٻن شاهدن زوار منظور ۽ تسليم خان کي طلب ڪيو آهي جڏهن ته وڪيل خواجه حارث بيانن جي روشني ۾ شاهدن کان آڏي پڇا ڪندو.

نواز شريف سان گڏ ليگي اڳواڻن جو وڏو تعداد جوڊيشل ڪمپليڪس پهچي ويو جڏهن ته ڪارڪنن کي جوڊيشل ڪمپليڪس اچڻ کان روڪيو ويو.

 احتساب عدالت ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف 10 ڀيرا، مريم نواز 12 دفعا ۽ ڪئپٽن ريٽائرڊ صفدر 14 ڀيرا پيش ٿي چڪا آهن.

پيشي جي موقعي تي جوڊيشل ڪمپليڪس جي اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: خيرپور:سٽي اسپتال موت جو  گهر بڻجي وئي،  2 معصوم ٻارڙا تڙپي تڙپي فوت

*خيرپور ۾  سٽي اسپتال موت جو  گهر بڻجي وئي،  آڪيسجن نه ملڻ سبب 2 معصوم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے