25 سومر , جون 2018

ٽرمپ جي بيان تي مايوسي، جواب ۾ تڪڙ نه ڪرڻ ۽ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (رپورٽ: حفيظ چنا) پاڪستان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي مايوسي جو اظهار ڪندي جواب لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ ناڪامي جو ذميوار اڪيلو پاڪستان ناهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، غير ذميوار بيانن باوجود ڪنهن به عمل ۾ تڪڙ نه ڪندا سين گذري،  قومي سلامتيجو 17 اجلاس وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ خطي جي دفاعي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ اجلاس ۾ پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير احسن اقبال، دفاع وارو وزير خرم دستگير ، جوائنٽ چيئرمين آف اسٽاف ڪميٽي، جنرل زبير محمود حيات، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، ايئر چيف مارشل سهيل امان، نيول ايڊمرل ظفر محمود عباسي ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ جي بيان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ان معاملي تي آمريڪي قيادت سان رابطو ڪيو ويندو ۽ ان سان ڏکڻ ايشيا بابت ٽرمپ جي پاليسي جي حوالي سان ڳالهايو ويندو ۽ افغانستان ۾ ڊگهي امن جي قيام لاءِ ٻنهي ملڪن جي سوچن ۾ هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون وينديون، اجلاس ۾ آمريڪي وزيرن ٽيلر سن ۽ ميٽس جي تازن دورن دوران ڳالهين جو پڻ جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ اهو به اظهار ڪيو ويو ته آمريڪي صدر جي بيان سان پاڪستان ۽ آمريڪي عوام جي وچ ۾ جيڪي اعتماد آهي ان تي ناڪاري اثر پيا آهن، اجلاس ۾ اهو به چيو ويو ته پاڪستاني قوم عالمي ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اجلاس ۾ چيو ويو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي جدو جهد جي ڪري دهشتگردي جي ڦهلاءَ روڪڻ ۾ وڏي مدد ملي آهي ان جو اظهار آمريڪي اختيارين به ساراهيو آهي، اجلاس ۾ چيو ويو ته افغانستان مان سرحد پار حملن جي ڪري معصوم پاڪستاني شهيد ٿيندا رهيا آهن، جڏهن ته ان جي ڪري پاڪستان ۾ رهندڙ افغانستاني مهاجرن تي خراب اثر پيا آهن، ڪميٽي ۾ چيو ويو ته دهشتگردي خلاف جنگ پاڪستان پنهنجي وسيلن مان وڙهي آهي ۽ ان جنگ ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي نه صرف معاشي نقصان برداشت ڪيو آهي پر انساني جانيون به ڏنيون آهن جنهن جو ڪوبه متبادل ناهي، پر ان جي باوجود پاڪستان اڄ به افغانستان ۾ عالمي اتحادي فوجين جي جنگ جي حمايت ڪري ٿو ۽ انهن جي دهشتگردي خلاف جنگ جي مدد ڪندا رهيا آهيون ان جي نتيجي ۾ خطي مان القاعده جو وجود ختم ٿي ويو، جڏهن ته ان جي جواب ۾ افغانستان مان آيل دهشتگردن پاڪستان جي اسڪولي ٻارن کي به شهيد ڪيو، اجلاس ۾ چيو ويو ته افغانستان ۾ هن وقت اصل مسئلو سياسي ڇڪتاڻ، ڪرپشن، منشيات جي پيداوار ۽ عالمي دهشتگردن جون پناھ گاهون آهن، ڪميٽي ۾ اهو به چيو ويو ته افغانستان ۾ ناڪامي جو اڪيلي سر پاڪستان کي ذميوار قرار نٿو ڏنو وڃي، اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته آمريڪا جي غير ذميوار بيانن باوجود پاڪستان تڪڙ ۾ ڪو به فيصلو نه ڪندو ۽ ان جي با وجود پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردي خلاف هلندڙ جنگ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ڪندو رهندو، اسان نه صرف پنهنجي عوام جي سلامتي لاءِ ڪوششون وٺندا رهنداسي پر خطي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين، اجلاس ۾ ان ڳالهه جو به عزم ڪيو ويو ته پاڪستاني قوم وقار ۽ خوداري سان پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿو. اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڪستان 70 هزار جانيون قربان ڪيون ۽ 123 ارب ڊالرن جو نقصان برداشت ڪيو، بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان دهشتگردن جون پناهگاهون ختم ڪيون، القاعده جو خاتمو آندو. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ پنهنجن وسيلن سان جنگ وڙهي رهيو آهي. اجلاس ۾ آمريڪا ۾ مقرر سفير اعزاز چوڌري کي به گهرايو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سياسي طور گڏيل موقف جوڙڻ لاءِ اجلاس گهرايو ويندو.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڳوڻي مملڪتي وزير سميت 9 اميدوار 5 ڪڙور رپين جا قرضي نڪتا

فيصل آباد (م ڊ) پنجاب ۾ ن ليگ جي اڳوڻي مملڪتي وزير راڻا افضل سميت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے