26 جمعرات , اپریل 2018

شريف ڀائر سعودي ولي عهد سان ملاقات کانپوءِ ڏيهه پهچي ويا

رياض (م ڊ )  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سعودي ولي عهد شهزادي محمد سلمان سان ملاقات ڪئي آهي. شريف خاندان جي ترجمان موجب سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان شريف ڀائرن جي ملاقات ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهي،  جنهن بعد نواز شريف سعودي ولي عهد جي جهاز ۾ ئي مديني روانو ٿي ويو. ترجمان موجب نواز شريف حضرت محمد صلعم جي روضي تي حاضري ڀري جنهن بعد هو ٻيهر جدي روانو ٿي ويو جتان عمري لاءِ مڪي شريف ويو، عمري جي ادائيگي کانپوءِ نواز شريف اسلام آباد پهچي ويو. ان کان اڳ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري ڏيهه واپس پهچي ويو آهي.0630

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرپٽ حڪمران پئسا چورائي ٻاهر کڻي وڃڻ ٿا، هاڻ پاليسيون غريبن لاءِ ٺهنديون: عمران

منڊي بهاءُالدين (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے