18 سومر , جون 2018

سنڌ سرڪار کان لينڊ مافيا طاقتور، قبضا خالي نه ڪرائي سگهڻ جو اعتراف

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته ڪراچي نوگو ايريا ناهي، زمينن تان غير قانوني قبضا ختم ڪرائينداسين، انتظاميا جي لينڊ مافيا آڏو بيوسي ڏسي افسوس پيو ٿئي، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ سولڊ ويسٽ مئنيجمنٽ بورڊ  سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. صوبائي وزير بلديات ۽ ايم ڊي (ايس ايس ڊبليو ايم بي) وڏي وزير کي بريفنگ ڏني، ڄام خان شوري چيو ته شهر جو مجموعي طور تي گڏ ٿيندڙ ڪچرو اٽڪل 12 هزار ٽن روزانو آهي جنهن مان 9 هزار ويسٽ ميونسپل علائقن ڊي ايم سيز ۽ ڪراچي جي ضلعي ڪائونسل جو هوندو آهي ۽ باقي 3 هزار ٽن ويسٽ سوڪ ايڊمنسٽريٽو باڊيز،  6 ڪنٽورنمينٽ بورڊز، سائيٽ، ڪي پي ٽي، پاڪستان ريلويز، سي اي اي جو هوندو آهي. هن وقت سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ سروسز جي ٽرانسپوٽيشن جي لاڳت تمام گهڻي آهي، ڇاڪاڻ ته لينڊ فل سائيٽس شهر جي مرڪز کان مٿين پاسي 35 ڪلوميٽر ۽ هيٺين پاسي 70 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي ۽ اهو مفاصلو ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن اٽڪل 50 ڪلوميٽر (100 ڪلوميٽر اپ ڊائون) بڻجي ٿو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٻه لينڊ فل سائٽس ايل ايف ايس هر هڪ 500 ايڪڙ جون آهن جن مان هڪ ڄام ڇاڪرو ۽ ٻي گائونڊ پاس ۾ آهن. ٻئي سائٽس رڳو ڊمپنگ گرائونڊس آهن ۽ ”سينيٽري لينڊ فل سائيٽس“ جي بين الاقوامي معيار کان تمام ڏور آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته جي ٽي ايس تي اصل ڪم اڃا تائين شروع ناهي ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته گذريل ٽن ڏهاڪن دوران سائيٽ تي 4 لکن ٽن کان وڌيڪ ڪچرو گڏ ٿيل آهي ۽ ڪچري جي جبل کي کڻي لينڊ فل سائيٽ تي ڊمپ ڪيو پيو وڃي ۽ اڃا تائين 2 لک ٽن ڪچرو لينڊ فل سائيٽ ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت اٽڪل ان جاءِ تان 60 سيڪڙي کان وڌيڪ ڪچرو کنيو ويو آهي. ڪورنگي ٽائون سيڪٽر نمبر 52 ۾ 11.47 ايڪڙ ايراضيءَ جو ايس ايس ڊبليو ايم بي پاران قبضو وٺڻ بعد ان تي چوديواري جي تعمير شروع ڪئي وئي پر آرمي وارن ڪم ان بنياد تي روڪرائي ڇڏيو ته ڄاڻايل زمين سندن جي آهي، وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته رڪارڊ جي چڪاس ڪرائي وڃي ته اصل ملڪيت ڪنهن جي آهي. هن چيو ته مان ان جي تفصيلي رپورٽ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن ڪي ڊي اي ڪنهن اداري کي زمين الاٽ ته ناهي ڪئي ۽ اهي الاٽ ڪري به سگهن ٿا يا نه؟.  ڪورنگي انڊسٽريل سيڪٽر نمبر 26 ۾ 4.13 ايڪڙ ايراضي تي  ڪي ڊي اي اها سائيٽ ايس ايس ڊبليو ايم بي حوالي ڪئي هئي پر اسسٽنٽ ڪمشنر لانڍيءَ سان گڏوگڏ ڊي ايم سي ڪورنگيءَ ان جاءِ تي ڪجهه آفيسون قائم ڪري ڇڏيون ۽ اهي انهن کي خالي ڪرڻ لاءِ راضي نه آهن. ان تي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته معاملي کي حل ڪري رپورٽ ڪري. ديهه اوڪيواڙي ايسٽ ۾ پنج ايڪڙ ايراضي تي  قبضا آهن، ڊي سي حددخلين جي خاتمي کان اڳ ايس ايس ڊبليو ايم کي اڏاوت نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، جنهن تي وڏي وزير پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس ۽ انتظاميا ڇا ڪري رهي آهي. هن چيو ته مان قبضن ۽ حددخلين جي خاتمي ۾ ڪنهن به قسم جي ۽ ڪنهن جي به غفلت ۽ ڪوتاهي برداشت نه ڪندس. وڏي وزير ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته هُو 48 ڪلاڪن ۾ زمينون ڪليئر چاهي ٿو. هن چيو ته ڪهڙي ريت قبضا مافيا پوليس ۽ انتظاميا جي موجودگيءَ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ڪو قبائلي علائقو نه آهي جو ماڻهو رياست اندر پنهنجي رياست قائم ڪن، قبضا مافيا خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي05

هي به ڏسي سگهو ٿا

عائله ملڪ ۽ نوابزاده ملڪ وحيد خان جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

ميانوالي (م ڊ) عائله ملڪ ۽ نوابزاده ملڪ وحيد خان جو پي ٽي آءِ ڇڏڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے