20 ہفتہ , جنوری 2018

ڪراچي ۾ سال اندر 625 ڄڻا قتل، 123 جو آپگهات، 275 ٻار ۽ وڏا لاوارث ٿي ويا

ڪراچي (رپورٽ علي وقار) ايڌي فائونڊيشن ڪراچي ۾ گذريل سال دوران انساني خدمتن جي حوالي سان پنهجي سالاني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن مان قتل،حادثن ۽ بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ مارجي ويل ۽ آپگهات ڪندڙن جي انگن اکرن  ۾ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل سال 27 سيڪڙو آپگهات جا واقعا وڌيڪ ٿيا،ايڌي جي رپورٽ موجب پهرين جنوري 2017 کان 31 ڊسمبر تائين ايڌي سرد خاني ۾ 2523 لاوارث لاش رکيا ويا جن مان 864 لاش سڃاڻپ ٿيڻ کان پوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته 1659 لاش امانتن ايڌي قبرستان ۾ دفنايا ويا،9هزار 219 ميتون امانت طور رکيون ويون ۽ غسل ڪفن کان پوءِ وارثن حوالي ڪيون ويون، هن سال 123 مرد ۽ عورتن آپگهات ڪيا جيڪو انگ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 27 سيڪڙو وڌيو آهي، فائرنگ جي واقعن ۾ 625 شهري قتل ۽ هڪ هزار 72 زخمي ٿيا، شهر جي مختلف علائقن ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان مجموعي طور تي 132 تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيا ويا، شهر ۾ ننڍا وڏا 30 بم ڌماڪا ٿيا جنهن ۾ 11 شهري اجل جو شڪار ۽ 41 زخمي ٿيا،شهر جي گندي پاڻي جي نالن ۽ ندي ۾ ٻڏي ٻارن سميت 156 شهري فوت ٿيا ۽ روڊ حادثن ۾850 شهري فوت ٿيا ۽ ساڍا ٽي هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا،جڏهن ته سمنڊ مان ۽ برساتي ندي نالن مان 101 ٻڏي ويلن جا لاش ڪڍيا ويا ۽ 125 ڄڻن کي بچايو ويو،هن سال ايڌي وليج ۽ چائلڊهوم ڪورنگي ۾ 190 لاورث ۽ گم ٿيل ٻار ايڌي فيملي چائلڊ هوم ڪلفٽن ۾ 85 يتيم بي آسرا ٻار ۽ ٻارڙين کي داخل ڪيو ويو جڏهن ته لکين ماڻهن کي ايمبولنس سروس فراهم ڪئي وئي ۽ مفت علاج توڙي ٻيون سهولتون ڏنيون ويون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بي شرم شخص کي پيءُ ڌيءُ جي رشتي جي ڪهڙي خبر هوندي: مريم نواز

لاهور (م ڊ)اڳوڻي وزيراعظم جي ڌيءُ مريم نواز سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي عمران خان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے