20 خميس , سيپٽمبر 2018

آبادگارن سان ناانصافين خلاف 7 جنوريءَ تي ڌرڻي جو اعلان

حيدرآباد (رپورٽر) ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي 7 جنوري تي سنڌ جي آبادگارن سان ناانصافين خلاف حيدرآباد-ٽنڊو محمد خان روڊ تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت زرداري مافيا جي زور تي سنڌ جي آبادگارن سان ناانصافيون ڪري رهي آهي، عدالتي حڪم باوجود آبادگارن کي ڪمند جو مناسب اگهه نه ٿو ڏنو وڃي ۽ پنهنجي هٺ ڌرمي جاري رکندي شگرملون نه هلائي رهي آهي. اهڙو اظهار هن ايس ٽي پيءَ جي 25 هين وچ مدي واري ٻن ڏينهن جي قومي ڪانگريس ۽ سينٽرل ڪاميٽيءَ جي اجلاسن بعد ترقي پسند هائوس تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته جيستائين پاڪستان اندر شامل اڪاين ۽ قومن جي وچ ۾ سياسي، سماجي ۽ معاشي نئون معاهدو نه ڪيو ويندو، ان وقت تائين پاڪستان عالمي برادريءَ جي دٻاءُ، دهشتگردي ۽ مذهبي انتهاپسندن جي دٻاءُ کان آجو نه ٿي سگهندو. هن چيو ته پاڪستان عالمي طاقتن جي دٻاءُ ۾ ۽ معاشي طور عدم استحڪام  جو شڪار آهي، ان جو بنيادي سبب ڪرپشن، اقربا پروري ۽ گروهه بندي جو عروج تي هجڻ آهي. هن چيو ته پ پ آبادگارن سان جيڪو رويو رکيو آهي اهو مذمت جوڳو آهي، سنڌ حڪومت آبادگارن سان ناانصافيون ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسين آبادگارن جي حمايت ڪيون ٿا، پر آبادگار اڳواڻن کي پڻ اها ميار ڏينداسين ته هڪ طرف سنڌ جي ننڍن آبادگارن ۽ هارين جا ٻار بکون ڪاٽي رهيا آهن ٻي طرف توهان زرداري جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ڳڙهي خدا بخش ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان نچي رهيا آهيو جيڪو پڻ علظ آهي، زرداري ۽ اومني گروپ جو مڪمل سماجي بائيڪاٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته آبادگارن جي حمايت ۾ سکر، لاڙ ڊويزنن، حيدرآباد ۽ نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي جدوجهد ڪندي ۽ آبادگارن جي هلندڙ تحريڪ ۾ شامل ٿينداسين..17  05

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے