18 جمعرات , جنوری 2018

پاڪستان سان مطالبن جي نئين لسٽ جو اعلان 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ ڪيو ويندو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان سان مطالبن جي نئين فهرست جو اعلان 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ ڪيو ويندو. وائٽ هائوس جي ترجمان سارا سينڊرز جو چوڻ هو ته مخصوص قدمن جا تفصيل سامهون آڻيندا سين. گڏ ئي هن الزام هنيو ته اسان ڄاڻو ٿا ته پاڪستان دهشتگردي خلاف وڌيڪ قدم کڻي سگھي ٿو پر هو پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪري رهيو آهي، ان کي واعدن تي عمل ڪرڻ گھرجي. سارا سينڊرز موجب آمريڪا پاڪستان جي 225 ملين ڊالرن جي فوجي امداد تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سندن چوڻ هو ته پاڪستان جي امداد بابت سمورا آپشنز کُليا آهن ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ هلندڙ مهيني ان حوالي سان فيصلو ڪندو. وائٽ هائوس جي ترجمان آمريڪا جي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي پويان پوڻ جو سبب ٽرمپ جي ڏکڻ ايشيا لاءِ نئين پاليسي جو تسلسل ٻُڌايو، جنهن جو اعلان آمريڪي صدر گذريل سان آگسٽ ۾ ڪيو هو. ٻئي طرف گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير نڪي هيلي جو چوڻ آهي ته آمريڪا پاڪستان جي 25 ڪروڙ 50 لک ڊالر جي امداد روڪي رهيو آهي. گڏيل قومن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته امداد فلسطين تي ٺهراءَ نه پر دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ تي روڪي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪيترائي سال ڊبل گيم کيڏندو رهيو جيڪو آمريڪا لاءِ قبول نه ڪرڻ جوڳو آهي. هو اسان سان گڏ ڪم به ڪندا آهن پر ٻئي طرف دهشتگردن کي پناهه پڻ ڏيندا آهن جيڪي افغانستان ۾ اسان جي فوجين تي حملا ڪندا آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان دهشتگردن خلاف جنگ ۾ وڌيڪ سهڪار چاهيون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسرائيلي عدالت جو عهد تميمي کي ڪيس جي فيصلي تائين قيد رکڻ جو حڪم

ولاريل بيت المقدس (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوجي عدالت نوجوان فلسطيني مزاحمت ڪار  عهد تميمي کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے