20 جمعو , جولاءِ 2018

ايور نيو ڪانسيپٽ جو مالڪ انعام اڪبر ۽ اطلاعات کاتي جو آفيسر يوسف ڪابورو گرفتار، ڪراچي منتقل

ڪراچي (رپورٽر) قومي احتساب بيورو ڪالهه سپريم ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ تي اشتهاري اداري ايور نيو ڪانسيپٽ جي مالڪ انعام اڪبر ۽ اطلاعات کاتي سنڌ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد يوسف ڪابوري کي بدعنوانيءَ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو. نئب سنڌ جي ترجمان رضوان سومري پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سپريم ڪورٽ پاران ضمانت رد ٿيڻ تي ٻنهي کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو، جن کي جاچ لاءِ ڪراچيءَ آندو ويو آهي. ٻئي ڄڻا نئب کي ريفرنس ۾ گهربل آهي. مٿن ٻين 15 جوابدارن سان گڏجي سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ اشتهارن جي مد ۾ 3.2 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي. جڏهن ته اطلاعات کاتي جي اڳوڻي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سيڪريٽري ڊاڪٽر ذوالفقار علي شالواڻيءَ سميت 12 جوابدار 23 آڪٽوبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ تي گرفتار ڪيا ويا هئا. ايور نيو ڪانسيپٽ جو ڊائريڪٽر فواد محمود لاڏاڻو ڪري چڪو آهي، جڏهن ته اطلاعات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر انيتا بلوچ مفرور ڄاڻايل آهي.ايور نيو ڪانسيپٽ جو سي.اي.او رياض منير ضمانت تي آزاد ٿيل آهي. سمورن جوابدارن تي الزام آهي ته هنن اطلاعات کاتي ۾ جعلي اشتهاري مهم وسيلي قومي خزاني کي اربين رپين جو نقصان رسايو. واضح رهي ته اڱاري ڏينهن گرفتار ٿيل انعام اڪبر جون مختلف  اشتهاري ڪمپنيون مڊاس، ايور نيو ڪانسيپٽ، اسپيس ڪرافٽ ۽ ٻيون هر سال سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ اربين رپين جي جعلي اشتهاري مهم هلائي اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن کي ادائيگي نه ٿيون ڪن. جنهن سبب هر سال سنڌ جا اربين رپيا ضايع ٿي وڃن ٿا. صرف جوابدار انعام اڪبر تي 2.2 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي.05

سپريم ڪورٽ شرجيل ميمڻ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ تي سڌ سماءَ واري کاتي ۾ 5 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي. 23 آڪٽوبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ کيس عدالتي جي اڱڻ مان گرفتار ڪيو ويو. شرجيل ميمڻ سپريم ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي جنهن جي ٻڌڻي جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي. عدالت شرجيل ميمڻ جي وڪيل ۽ فريادي ڌر جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته گرفتار ماڻهو ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهن ٿا. عدالت نيب کي هڪ هفتي ۾ جواب به داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.05

انعام اڪبر جون اشتهاري ڪمپنيون فراڊ سبب بليڪ لسٽ ٿيل

ڪراچي: نئب هٿان گرفتار ٿيل انعام اڪبر جون اشتهاري ڪمپنيون فراڊ ۽ جعلسازيءَ سبب پنجاب سرڪار پاران بليڪ لسٽ ٿيل آهن، جنهن سبب انهن پنهنجو ڪاروبار سنڌ منتقل ڪيو. سنڌ ۾ اطلاعات کاتي جي آفيسرن تي مختلف قسم جو دٻاءُ وجهي انعام اڪبر سنڌ مان جعلي اشتهاري مهمن وسيلي هر سال اربين رپيا ڪمائيندو رهيو آهي.05

انعام اڪبر جي گرفتاريءَ جي آجيان

ڪراچي:  سنڌ مان شايع ٿيندڙ اخبارن جي وڏي انگ انعام اڪبر جي گرفتاريءَ جي آجيان ڪندي اعليٰ عدالتن ۽ نئب کان مطالبو ڪيو آهي ته انعام اڪبر کان جاچ ڪري سنڌ جو لٽيل ناڻو واپس ڪرائي، انهن  اخبارن، رسالن، ٽي وي ۽ ايف ايم چئنلن حوالي ڪيو وڃي، جن جون رهتون سندس اشتهاري ايجنسيون سالن کان روڪي يا ڦٻائي ويٺيون آهن.05

ڪرپٽ ڪامورن خلاف ڪارروائي تي اينٽي ڪرپشن ڊائريڪٽر سميت 3 آفيسر فارغ

ڪراچي (آن لائن ) اينٽي ڪرپشن کاتي اندر بدعنوان ۽ راشي ڪامورن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڊائريڪٽر عثمان غني سميت 3 آفيسرن کي عهدن تان فارغ ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن کاتي اندر ڪرپشن ڪندڙ آفيسرن خلاف جاچ هلندڙ هئي، جنهن ۾ انهن تي بدعنواني ۽ ڪرپشن جا الزام ثابت ٿيا آهن، اهڙا الزام ثابت ٿيڻ تي هنن کي عهدن تان فارغ ڪيو ويو آهي.0630

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڪيلو پارليامينٽ وڃي ڇا ڪندس، عوام ٻيا پ پ اميدوار به ڪامياب ڪري: بلاول

چنيوٽ ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شاهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے