21 ہفتہ , اپریل 2018

ڪراچي : اي پي سي استادن جي تحريڪ جي حمايت ڪري ڇڏي، سڀاڻي بلاول هائوس وڃڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ يونيورسٽي ۽ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن پاران ڪراچي پريس ڪلب اڳيان آل پارٽيز ڪانفرنس، سياسي سماجي ۽ قوم پرست پارٽين توڙي وڪيلن اڄ نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ جيصورت ۾ سڀاڻي استادن سان گڏ بلاول هائوس ميرٽ جو جنازو کڻي وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اي پي سي ۾ استادن جي چارٽر آف ڊمانڊ جي مڪمل حمايت ڪندي اي پي سي ۾ شريڪ ڌرين چيو آهي ته حڪومت طاقت جو استعمال ڪرڻ بجاءِ استادن جا جائز مطالبا حل ڪري، سنڌ ۾ ”لَٺ ۽ گولي“  جي سرڪار کي رد ڪيون ٿا. ان سلسلي ۾ ڄاڻ موجب ته ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب اڳيان اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن پاران آل پارٽيز ڪانفرنس گھرائي وئي. جنهن ۾ وڏي انگ ۾ سياسي، سماجي توڙي قوم پرست ۽ وڪيل اڳواڻن شرڪت ڪئي. اي پي سي کي خطاب ڪندي ف ليگ جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار نوجوانن کي روزگار ڏيڻ بجاءِ جيڪا تشدد جي واٽ اختيار ڪئي آهي ان کي رد ڪيون ٿا. هن چيو ته اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن مٿان بدترين تشدد ڪري حڪومت پنهنجو چهرو ڏيکاريو آهي. هن چيو ته استادن جا مطالبا جائز آهن اسان هر صورت ۾ ساڻن گڏ بيهنداسين ۽ حڪومتي ڏاڍ کي برداشت نه ڪيو ويندو. ايس يو پي اڳواڻ اعجاز سامٽيو چيو ته سنڌ جا پڙهيل لکيل نوجوان ڊگريون هٿن ۾ کڻي در در جا ڌِڪا کائي رهيا آهن، پر حڪومت کي ڪو به احساس ناهي. هن چيو ته آبادگارن کان پوءِ استادن مٿان تشدد ڪيو ويو. جھموري حڪمراني جا دعويدار ٻڌائين ته هُو نوجوانن کي آخر روزگار ڇو نه پيا ڏين؟ هن چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين. استادن جا مطالبا منظور نه ٿيا ته سندن تحريڪ ۾ گڏ بيهنداسين. جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ جي اڳواڻ ڊاڪٽر عابد مظهر، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي خير محمد مگسي ۽ ٻين چيو ته استاد ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بُک هڙتال تي ويٺا آهن پر حڪومت رڳو ٺلها آسرا ڏئي رهي آهي. هنن چيو ته آمراڻي دور جي ياد ڏياريندڙ پ پ پ جي سرڪار جيڪڏهن استادن جا مطالبا منظور نه ڪيا ۽ کين پڪو ڪري سينارٽي نه ڏني وئي ته وزيراعليٰ هائوس ۽ بلاول هائوس استادن سان گڏ وينداسين. جڏهن ته اي پي سي ۾ پاڪ سرزمين پارٽي جي سعيد احمد خان، وڪيل اعجاز سومرو، سماجي اڳواڻ علي شاھ، سپلا اڳواڻ يعقوب چانڊيو، پروفيسر عبدالحفيظ، ايس اين پي اڳواڻ رمضان بليدي، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ لياقت علي جھتيال، سماجي اڳواڻ راجا خليل ميمڻ ۽ ٻين پڻ استادن جي سڀاڻي واري پيادل مارچ جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي سندن مطالبا منظور ڪرڻ جي گھُر ڪئي آهي. آل پارٽيز ڪانفرنس بعد پ ٽ الف اڳواڻ شفيع محمد سٺيو ۽ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن جي اڳواڻ علي نواز پنهور صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اڄ اربع ڏينهن سنڌ سرڪار جو واعدو ٿيل آهي ته نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. پر جيڪڏهن اڄ نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو ته ميرٽ جو جنازو کڻي سڀاڻي 4 جنوري تي ڪراچي پريس ڪلب کان بلاول هائوس وينداسين. جتي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مطالبن وارو چارٽ ڏنو ويندو. هنن چيو ته اسان تي جيڪڏهن تشدد ٿيو ته ان جي ذميوار سنڌ حڪومت هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لوڻي ڪوٽ وٽ گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ڪار کي باهه، ٻن ٻارن سميت 6 ڀاتي سڙي فوت

ٿاڻو بولاخان/نوري آباد/ڪوٽڙي (نمائندن وٽان) لوڻي ڪوٽ علي هوٽل ٻولهاڙي ايئر بيس وٽ موٽر وي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے