19 اربع , سيپٽمبر 2018

اي ڊي خواجه جي تبديلي پڪي، سنڌ جي درخواست تي وفاق جا صلاح مشورا مڪمل

ڪراچي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي تبديلي امڪان چٽو ٿي ويو، سنڌ حڪومت نئين آءِ جي سنڌ جي مقرري لاءِ وفاق کي خط لکي ڇڏيوآهي. سنڌ حڪومت پاران نئين آءِ جي جي مقرري لاءِ وفاق کي لکيل خط ۾سردار مجيد دستي سميت نالا ڏنا ويا آهن. خط سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن اسلام آباد کي لکيو ويو آهي. ذريعن موجب نئين آءِ جي جي مقرري لاءِ لکيل خط ۾  تجويز ڪيل نالن ۾ سردار عبدالمجيد دستي، غلام قادر ٿيٻو ۽ ڪليم امام شامل آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته وفاق تجويز ڪيل نالن مان ڪنهن هڪ کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪري خط ۾ آءِ جي سنڌ جي تبديلي لاءِ صوبائي ڪابينا جي فيصلي جو به حوالو ڏنو ويو. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاق پاران سنڌ جي نئين آءِ جي لاءِ ڪليم امام کي مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي، ڪليم امام آءِ جي اسلام آباد سميت مختلف عهدن تي رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت جي اماڻيل لسٽ ۾ پهرئين نمبر تي موجود، 22 هين گريڊ جو سردار عبدالمجيد دستي جو نالو ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي ڊسپوزل تي آهي. ٻنهي نالن تي غور مڪمل ڪيو ويو آهي.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

9 مهينن لاءِ سنڌ جي ساڍن 8 کربن جي بجيٽ، ترقياتي پروگرام ۾ ڪٽوتي، 20 ارب خسارو

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ): سنڌ سرڪار مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن جي 852 ارب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے