22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: منهنجي ايٽمي حملي جو بٽڻ وڌيڪ وڏو ۽ طاقتور آهي: ٽرمپ جو اترڪوريا کي جواب

آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان جي تازي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ کيس ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته سندس ميز تي پڻ ايٽمي بٽڻ هر وقت موجود هوندو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته ”اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان جو چوڻ آهي ته ايٽمي حملي جو بٽڻ سندس ميز تي هوندو آهي، مهرباني ڪري ڪو سندس غريب ۽ غذائي کوٽ جو شڪار رياست کي اطلاع ڏئي ڇڏي ته مون وٽ به ايٽمي حملي جو بٽڻ موجود آهي، جيڪو تمام وڏو ۽ طاقتور آهي ۽ منهنجو بٽڻ ڪم به ڪندو آهي.“

واضح رهي ته پهرين جنوري تي نئين سال جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان ڌمڪي ڏني هئي ته ايٽمي حملي جو بٽڻ سندس ميز تي هوندو آهي ۽ آمريڪا ڪڏهن به اترڪوريا خلاف جنگ شروع ڪرڻ جي قابل نه ٿيندو.“

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sukkur: Khursheed Shah and other candidates have filed anti-election petitions

منجهند ٽي وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-09-22

سکر: خورشيد شاهه ۽ ٻين پ پ اميدوارن جي ڪاميابي خلاف درخواستون داخل گمبٽ: قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے